ڪراچي: سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عمران خان شڪست جي ڊپ کان پي ٽي آءِ وارن ڪراچي واري ننڍي چونڊ دوران کليل نموني بدمعاشي ڪئي، مختلف پولنگ اسٽيشنز تي سندن ايم پي ايز، ايم اين ايز ۽ ڏوھاري سان گڏ هٿيار کڻي غنڊا گردي ڪندي معصوم ووٽرن کي ڌمڪائيندا رهيا، افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اهي اليڪشن ڪميشن جي ضابطه اخلاق جي سرعام خلاف ورزي ڪندا رهيا،  هن چيو ته گاڏين جي جلوسن ۾ پولنگ عملي کي هراسان ڪيو ويو  پر ڪنهن به نوٽيس نه ورتو. اسان اليڪشن ڪميشن کي اپيل ٿا ڪريون ته پي ٽي آءِ جي  غنڊا گردي جو نوٽيس ورتو وڃي.