ڪراچي(م ڊ) ملتان جي تڪ اين اي 157 تي پ پ جي اميدوار علي موسيٰ گيلاني ڪراچي جي تڪ اين اي 237 تي پ پ جي اميدوار عبدالحڪيم بلوچ جي ڪاميابي تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪراچي ۽ ملتان مان پي ٽي آءِ کي خداحافظ چيو ويو آهي. هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته ڪراچي ۽ ملتان مان پي ٽي آءِ کي باءِ باءِ. عمران خان کي هارائڻ تي علي موسيٰ گيلاني ۽ عبدالحڪيم بلوچ کي مبارڪون هجن. هي اهي سيٽون آهن جيڪي پي ٽي آءِ 2018ع ۾ چوري ڪيون هيون.