پي ٽي آءِ جي وڌيڪ 43 ميمبرز جون استعيفائون منظور

0
216

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ کي قومي اسيمبلي ۾ واپس وڃڻ کان اڳ وڏو ڌچڪو، وڌيڪ 43 ميمبرز جون استيعفائون منظور ڪيون ويون آهن

 قومي اسيمبلي جي اسپيڪر طرفان اماڻيل سمري اليڪشن ڪميشن کي ملي وئي، پي ٽي آءِ جي ميمبرز جون استيعفائون 4 مرحلن ۾ منظور ڪيون ويون

هن وقت تائين 124 ميمبرز جون استيعفائون منظور ٿي چُڪيون آهن، اليڪشن ڪميشن 81 ميمبرز کي ڊي نوٽيفاءِ ڪري چُڪي آهي

ٻئي پاسي پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته قومي اسيمبلي ۾ واپسيءَ جو مقصد راجا رياض کي هٽائڻ هو، هاڻي اسيمبلي رٻڙ اسٽيمپ بڻجي وئي، 40 سيڪڙو سيٽون خالي ٿي ويون آهن، واحد حل چونڊون ئي آهن

جاري بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته سڀ ڪجهه راجا رياض ۽ ٻين لوٽن کي بچائڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي، هاڻي فيصلو عوام کي ڪرڻو آهي، ڏسون ٿا ته حڪومت ڪيترو ٿي چونڊن کان فرار ٿئي؟

هي به پڙهندا

اسان واپس آيا آهيون ته هاڻ اسيمبلي جا دروازا بند ڪيا ويا آهن: تحريڪ انصاف جي شڪايت