اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن خيبر پختونخوا، سنڌ، بلوچستان ۽ اسلام آباد جي 37 قومي اسيمبلي جي تڪن تي ٿيندڙ ضمني چونڊن کي ملتوي ڪري ڇڏيو آهي، اليڪشن ڪميشن 37 قومي اسيمبلي جي تڪن تي چونڊون ملتوي ڪرڻ جا باضابطه طور تي نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيا آهن، جن مطابق خيبر پختونخوا صوبي جي قومي اسيمبلي جي 24 تڪن تي ٿيندڙ ضمني چونڊون ملتوي ڪيون ويون آهن، جن ۾ اين اي 2 سوات هڪ، اين اي 3 سوات 2، اين اي 4 سوات 3، اين اي 5 اپر دير هڪ، اين اي 6 لوئر دير هڪ، اين اي 7 لوئر دير 2، اين اي 8 مالاڪنڊ، اين اين 9 بونير، اين اي 16 ايبٽ آباد 2، اين اي 17 هري پور، اين اي 18 صوابي هڪ، اين اي 19 صوابي ٻه، ين اي 20 مردان هڪ، اين اي 25 نوشهره هڪ، اين اي 28 پشاور 2، اين اي 30 پشاور 4، اين اي 32 ڪوهاٽ، اين اي 34 ڪرڪ، اين اي 38 ڊي آءِ خان، اين اي 40 باجوڙ، اين اي 42 مهمند ايجنسي، اين اي 43 خيبر هڪ ۽ اين اي 44 خيبر 2 شامل آهن، نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته خيبر پختونخوا ۾ قومي اسيمبلي جي سيٽن تي ضمني چونڊون پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ ملتوي ڪجن ٿيون، سنڌ صوبي جي 9 تڪن تي ٿيندڙ ضمني چونڊون ملتوي ڪيون ويون آهن، جن ۾ اين اي 241 ڪورنگي، اين اي 242 ڪراچي ايسٽ هڪ، اين اي 243 ڪراچي ايسٽ 2، اين اي 244 ڪراچي ايسٽ 3، اين اي 247 ڏکڻ ڪراچي، اين اي 250 ڪراچي ويسٽ 3، اين اي 252 ڪراچي ويسٽ 5، اين اي 254 ڪراچي سينٽرل 2، اين اي 256 ڪراچي سينٽرل 4 تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ چونڊون ملتوي ڪيون ويون آهن، بلوچستان صوبي جي قومي اسيمبلي جي هڪ تڪ اين اي 265 ڪوئيٽا 2 ۽ اسلام آباد جي ٽن تڪن تي ٿيندڙ ضمني چونڊون ملتوي ڪيون ويون آهن جن ۾ اين اي 52، اين اي 553 ۽ اين اي 54 اسلام آباد تي رٿيل ضمني چونڊون ملتوي ويون آهن، جيڪي 16 ۽ 19 مارچ تي ٿيڻيون هيون. واضح رهي ته  پي ٽي آءِ ميمبرن جي استعيفائن سبب 16 ۽ 19مارچ تي خالي ٿيل 37 تڪن تي ضمني چونڊ ٿيڻي هئي، عدالت  پي ٽي آءِ ميمبرن جي رڪنيت بحال ڪئي هئي.