ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ 16 ماڙ عمارت کي باهه، هڪ شخص زخمي، ان ڏس ۾ شهر جي مصروف ترين روڊ شاهراهه فيصل تي نرسري وٽ واقع 16 ماڙ عمارت کي رات جو 1.10 وڳي اوچتو باهه لڳي وئي، باهه کي ٽئين درجي جي قرار ڏئي واٽر هائڊرنٽس تي ايمرجنسي نافذ ڪئي وئي. پوليس ۽ رينجرز جي نفري به پهتي،  شاهراهه فيصل جو هڪ ٽريڪ بند ڪيو ويو. چيف فائر آفيسر اشتياق احمد موجب 12 کان وڌيڪ فائر ٽينڊرن، 2 اسنارڪلز ۽ 2 واٽر بائوزرن باهه وسائڻ ۾ حصو ورتو. باهه سبب هڪ شخص زخمي ٿي پيو، عمارت خالي هجڻ ڪري جاني نقصان نه ٿيو، امڪان آهن ته باهه پينافليڪس ۾ شارٽ سرڪٽ سبب لڳي، جيڪا عمارت تائين ڦهلجي وئي. هوڏانهن ضلعي انتظاميه موجب سائن بورڊز خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.  ٻئي طرف سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري باهه واقعي جي رپورٽ طلب ڪندي چيو آهي ته باهه حادثو هئي يا سازش هئي؟ جاچ ڪئي وڃي.