پيپلزپارٽي غلطي مڃي: ن ليگ ۽ جي يو آءِ ف جو پي ڊي ايم ۾ واپسي لاءِ شرط

0
597

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نواز ليگ ۽ جي يو آءِ ف پي ڊي ايم ۾ واپسي کان اڳ پيپلز پارٽي آڏو غلطي مڃڻ جو شرط رکي ڇڏيو، نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز طرفان غلطي مڃڻ کان اڳ پ پ لاءِ واپسي جا در بند هجڻ واري شاهد خاقان جي بيان جي حمايت، مريم نواز چيو آهي ته شاهد خاقان عباسي صحيح ڳالهيون ڪيون آهن، هُن نواز ليگ جو موقف پيش ڪيو، پي ڊي ايم جي موقف ۾ ڪابه تبديلي ناهي آئي، ڪو به نئون اتحاد نه پيو ٺهي، پي ڊي ايم جو اجلاس اڄ يا سڀاڻي ٿي رهيو آهي، شاهد خاقان عباسي پ پ کي دعوت تي خدشا ظاهر ڪندي چيو آهي ته پيپلز پارٽي پهرين اعتماد بحال ڪن، اُن بعد پي ڊي ايم ۾ واپس اچن، سينيٽ چونڊن جي مامري تي خدشا برقرار آهن، پيپلزپارٽي اپوزيشن جي اتحاد جو ٻيهر حصو ٿي ته پي ڊي ايم پنهنجو نئون سيڪريٽري جنرل ڳولي، اصولن تي ڪابه سوديبازي نه ڪئي ويندي، جيڪو نوٽيس ڦاڙيو ويو، اُهو ٻيهر جوڙيو پڙهيو وڃي، شهباز شريف سان ملاقات دوران پي ڊي ايم سربراهه مولانا فصل الرحمان چيو ته اتحاد ۾ واپسي لاءِ پ پ طرفان ڪوبه رابطو ناهي ڪيو، پ پ کي پهرين پنهنجي غلطي مڃڻي پوندي.