ڳڙھي ياسين (ن پ ا) ڳڙھي ياسين ڀرسان ڳوٺ شاھم مارفاڻي ۾ گذريل ڏينھن ڪارنھن تڪرار تان مارجي ويل عبدالنبي ۽ سڌير مارفاڻي جو قتل ڪيس ڳڙھي ياسين ٿاڻي تي مارجي ويل سڌير مارفاڻي جي ماءُ مسمات سبحان خاتون جي فرياد تي غلام حيدر، عبدالرحمان، عبدالڪريم، محمد ھاشم، محمد قاسم، نادر، نواب، احسان، رحمت الله، گلشن مارفاڻي ۽ 3 اڻ سڃاتلن سميت 13 جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، جڏھن ته ھن وقت تائين ڳڙھي ياسين پوليس ھڪ به جوابدار گرفتار نه ڪري سگھي آھي. هوڏانهن واقعي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي ۽ ٻئي ڌريون مورچا بند ٿيل آهن، جڏهن ته پوليس جهيڙي کي روڪڻ لاءِ ڪي به انتظام ناهن ڪيا، جنهن ڪري رتو ڇاڻ جو خطرو آهي، جڏهن ته علائقي واسي گهرن تائين محدود آهن.