لاڙڪاڻي جي پوليس هٿ آيل نينگر کي سماجي اڳواڻ حوالي ڪري ڇڏيو

0
184

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس ٽي ڏينهن اڳ سچل سرمست واري علائقي جي رهواسي 8 ورهين جي نينگر کي هٿ ڪري ٻارن جي ڳولا ڪندڙ سماجي اڳواڻ حاجي انور علي کوکر حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن نينگر جي وارثن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي. ان حوالي سان حاجي انور علي کوکر گم ٿي ويل نينگر حسنين پٽ علي رضا چانڊيو کي ساڻ ڪري سندس وارثن جي ڳولا ۾ مدد لاءِ پريس ڪلب پهتو. جتي هن ٻڌايو ته ٽي ڏينهن اڳ مارڪيٽ پوليس لاڙڪاڻي شهر گهر ڀاتين سان گهمڻ لاءِ نينگر حسنين چانڊيو کي هٿ ڪري اسان حوالي ڪيو آهي، هن ٻڌايو ته هو سچل سرمست ڀرسان چانڊين جي ڳوٺ جو رهواسي آهي، مون کيس ساڻ ڪري سچل سرمست جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ سندس وارثن جي ڳولا ڪئي پر ان جي باوجود سندن جو ڪو به ڏس پتو پئجي نه سگهيو. هن لاڙڪاڻو پوليس کي اپيل ڪئي ته نينگر جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي جيئن کيس وارثن حوالي ڪيو وڃي.