لنڊن (م ڊ) اڳوڻي برطانوي وزيراعظم بورس جانسن دعويٰ ڪئي آهي ته يوڪرين تي حملي کان اڳ فون ڪال دوران روسي صدر والاديمير پوٽن اِهو چوندي کيس ميزائل سان مارڻ جي ڌمڪي ڏني هئي ته کيس ائين ڪرڻ ۾  ” رڳو هڪ منٽ لڳندو “ اڳوڻي برطانوي وزيراعظم چيو ته اِها غيرمعمولي ڳالهه ٻولهه گذريل سال فيبروريءَ ۾ ان وقت ٿي هئي، جڏهن آئون يوڪرين لاءِ اولهه جي مُلڪن کان حاصل ڪرڻ لاءِ  آخري ڪوشش دوران ڪيف جي دورو تي پهتو هئس. برطانوي خابرو اداري جي هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي بورس جانسن چيو ته مون روسي اڳواڻ کي ٻڌايو ته ڇڪتاڻ ۾ واڌ سان اولهه واريون رياستون يوڪرين جي حمايت وڌائي ڇڏينديون، جنهن جو مطلب اِهو آهي ته روسي سرحدن جي ڀرپاسي نيٽو فورسز جي جي چرپر گهٽجڻ بدران وڌي ويندي. هن روسي صدر پيوٽن سان فون تي ٿيل ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏيندي چيو ته  هڪ موقعي تي پيوٽن مونکي ڌمڪي ڏيندي چيو ته بورس، آئون اوهان کي نقصان نٿو پهچائڻ چاهيان پر ميزائل ذريعي مون کي رڳو هڪ منٽ لڳندو. هن وڌيڪ چيو ته هو جنهن پرسڪون لهجي ۾ اِها ڳالهه ڪري رهيو هو، جهڙي ريت لاتعلقي جي هوا سندس چوڌاري نظر اچي رهي هئي، هو منهنجي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ وارين ڪوششن سان سان کيڏي رهيو هو.