خانيوال (م ڊ) آءِ ايس آءِ جي ڊائريڪٽر نويد ۽ انسپيڪٽر ناصر جو قاتل دهشتگرد مارجي ويو، حساس اداري جي آفيسرن کي شهيد ڪندڙ دهشتگرد انٽيلجنس بيس آپريشن ۾ مارجي ويو، دهشتگرد عمر نيازي 3 جنوري تي آءِ ايس آءِ جي ٻن آفيسرن کي شهيد ڪيو هو، ڪرم ايجنسي ۾ ڳجهي اطلاع تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن گڏيل آپريشن ڪري دهشتگرد کي فائرنگ جي ڏي وٺ بعد زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو، جنهن ٿوري دير بعد دم ڏنو.