پير جو ڳوٺ ۽ ڀرپاسي گيسٽرو ۾ مبتلا 50 ماڻهو اسپتال ڀيڙا

0
268

پيرجوڳوٺ (ن پ ا) پير جو ڳوٺ ۽ ڀرپاسي گيسٽرو وبا پکيڙجي وئي، هڪ ڏينهن اندر 50 کان وڌيڪ ماڻهن کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي، گيسٽرو مريضن۾ معصوم ٻار، عورتون ۽ مرد شامل آهن، مريض سخت احتجاج ڪندي چيو ته هتي ڪنهن به قسم جون سهولتون موجود ناهن، دوائون به پرائيويٽ اسٽور تان وٺي ٿان اچون، هڪ سرنج به هتي نه ٿي ملي.