ڪراچي: عشر ۽ زڪوات بابت سوالن جا جواب ڏيندي پارلياماني سيڪريٽري هير سوهو چيو ته اسان 22 سرڪاري يونيورسٽين جي شاگردن کي 36 هزار رپيا سالياني اسڪالر شپ ڏيندا آهيون، انهي لاءِ هر سال 10 ڪروڙ رپيا جاري ٿيندا آهن هاڻي ڊي سيز ۽ گھرو کاتو مدرسن بابت رپورٽ ڏيڻ کان لنوائي ٿو، ان ڪري مدرسن جي ٻارن کي اسڪالر شپ ڏيڻ ۾ ڏکيائون اچن ٿيون، هاڻ حافظ قرآن کي اسڪالر شپ ڏيون ٿا