پيرجوڳوٺ (رپورٽ: بلاول جوڻيجو) پيرجوڳوٺ مان ڪانھر برادري جي جوابدارن پاران پ پ اڳواڻ محمد ابراهيم منڱريو جي گھر تي چڙهائي سندس نوجوان نياڻي ڪائنات مڱريو اغوا پلاند ۾ منڱريا برادري جي جوابدارن ڪانھر برادري واري ڌر جون 2 عورتون اغوا ڪري ورتيون، واقعي بعد مڱريا ۽ ڪانھر برادريء ۾ سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي. واقعي بعد ايس ايس پي خيرپور جي اڳواڻي ۾ مختلف ٿاڻن جي پوليس جي ڳوٺ عمر ڪانھر تي چڙهائي، ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه آئي، نه وري ڪيس داخل ٿي سگهيو. رپورٽ موجب پيرجوڳوٺ جي اناج منڊي محلي مان جوابدار پ پ اڳواڻ ابراهيم مڱريو جي گهر تي حملو ڪري سندس نوجوان ڌيءَ ڪائنات کي اغوا ڪري ويا آهن. جڏهن ته واقعي جي اطلاع تي منڱريا برادري جي جوابدارن پاران پيرجوڳوٺ جي اناج منڊي محلي مان رڪشي تي ويندڙ  ڪانھر برادري جي ٻن عورتن کي اغوا ڪري ويا. واقعي  بعد ايس ايس پي خيرپور ملڪ ظفر جي اڳواڻي ۾  مختلف ٿاڻن جي پوليس ڳوٺ عمر ڪانھر ۾ اغوا ۾ ملوث ڄاڻايل جوابدار وقار ڪانھر جي گهر تي چڙهائي ڪئي. جڏهن ته واقعي بعد جوابدار ڌر گھر خالي ڪري فرار ٿي وئي.  جڏهن ته ٻنهي برادرين جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿيو آهي، واقعي بعد منڱريا ۽ ڪانھر برادريء جي ڌرين وچ ۾ سخت ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي ۽ علائقي ۾ خوف واري صورتحال ڇائنجي وئي آهي.