ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ٻن سڳن ڀائرن سميت مختلف علائقن مان کنڀي گم ڪيل شهرين جي بازيابي  لاءِ داخل ڪيل درخواستن جي ٻڌڻي دوران پراونشل ٽاسڪ فورس جي ايس او پيز ۽ اختيارن جي دائري بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسر جي چمن روانگي ۽ ڪارڪردگي بابت رپورٽ پڻ طلب ڪري ورتي آهي.  ڪالهه ٻڌڻي دوران گم ٿيل ٻن ڀائرن دانش رشيد ۽ جنيد رشيد جي والده عدالت کي ٻڌايو ته منهنجا ٻئي پٽ سيپٽمبر 2017ع کان گم آهن، گذريل ٻڌڻي تي جاچ آفيسر ٻڌايو هو ته سندن پتو لڳايو ويو آهي،  معاملو حل ٿيڻ جي ويجهو آهي. ان موقعي تي جسٽس صلاح الدين پنهور پڇيو ته جاچ آفيسر ڪٿي آهي؟  هن هينئر تائين گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ ڇا ڪيو آهي؟ جنهن تي سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته جاچ آفيسر انهي ڪيس جي سلسلي ۾ چمن بارڊر ويل آهي، جنهن تي عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڪيس جي جاچ آفيسر جي چمن روانگي ۽ ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ان موقعي تي هڪ ٻئي درخواستگذار عدالت کي ٻڌايو ته پيءُ ۽ وڏو پٽ گهر واپس اچي ويا آهن پر اڃا به هڪ پٽ گم آهي، جنهن تي گهرو کاتي جي فوڪل پرسن عدالت کي ٻڌايو ته انهي ڪيس ۾ به جاچ آفيسر افغان بارڊر ويو آهي،  پي ٽي ايف جو اجلاس به ٿيڻ وارو آهي، جنهن تي جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته جيڪو ڪم جي آءِ ٽيز نه ڪري سگهيون اهو پي ٽي ايف ڪيئن ڪندي؟ جنهن تي فوڪل پرسن چيو ته پي ٽي ايف ۾ سينيئر آفيسر هوندا آهن، انڪري معاملو حل ٿيڻ جي اميد آهي، جنهن تي جسٽس صلاح الدين پنهور فوڪل پرسن کان پڇيو ته پي ٽي ايف ۾ ڪهڙي کاتي ۽ ڪهڙي سطح جا آفيسر هوندا آهن؟ جنهن تي فوڪل پرسن چيو ته انهي جو مون کي پتو ناهي پر سينيئر آفيسر هوندا آهن. عدالت فوڪل پرسن جي جواب تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته پراونشل ٽاسڪ فورس جون ايس او پيز ڪهڙيون آهن، فورم جي  اختيارن جو دائرو ڪيترو آهي؟ ان بابت رپورٽ پيش ڪئي وڃي. عدالت چيو ته فوڪل پرسن رسمي طور تي حاضر ٿي ويندا آهن، کين انساني معاملي سان دلچسپي ناهي بعد ۾ عدالت ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.