ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان  ۽ ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب ملير جي شير پائو ڪالوني پهچي مواڇ ڳوٺ بم ڌماڪي ۾ شهيد ٿيل 14شهرين جي وارثن سان تعزيت ڪئي. ان موقعي تي هن 14 شهيدن جي وارثن ۾ 10-10 لک رپيا ۽ 6 زخمين ۾ 2-2 لک رپين جا چيڪ  ورهايا، ان موقعي تي مرتضيٰ وهاب چيو ته وڏي وزير کي هتي اچڻو هو پر وڏو وزير اسلام آباد ۾ مصروف هجڻ ڪري نه اچي سگھيو آهي، هن چيو ته ڪيس جي جاچ جاري آهي، دهشتگردن کي ڳولي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. ان موقعي تي  وڏي وزير جو خاص معاون سلمان عبدالله مراد، ايم پي اي محمود عالم ڄاموٽ، عديل اختر شيخ ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا.