ڀٽ شاهه (ن پ ا) ڀٽ ڌڻي جي ساليانو عرس مبارڪ ۾ باقي 12 ڏينهن بچيا آهن شاهه لطيف فائونڊيشن پاران ڀٽ ڌڻي جي عرس مبارڪ جون رسمون سادگي سان ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، شاهه لطيف فائونڊيشن طرفان عالمي مشائخ ڪانفرنس سميت سموريون غير سرڪاري تقريبون ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي حڪومتي سطح تي ميلو ملتوي ڪرڻ واري فيصلي بعد شهرين، واپارين ۽ پانڌيئڙن ۾ مايوسي پکڙيل آهي جڏهن ته شاهه لطيف فائونڊيشن پاران فيصلو ڪيو ويو آهي ته سجاده نشين طرفان ايس او پيز تحت عرس مبارڪ جون رسمون ادا ڪيون وينديون ۽ هن دفعي عالمي مشائخ ڪانفرنس سميت سموريون تقريبون ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي درگاهه جي قائم مقام سجاده نشين سيد خاورحسين شاهه جو چوڻ آهي ته گذريل سال جيان مزار تي ايس او پيز تحت صرف چادر چاڙهي ويندي ۽ آخري ڏينهن تي هال ڌاڳن جي رسم ادا ڪئي ويندي جنهن ۾ محدود طريقي سان خاندان جا فرد ۽ مريد شامل هوندا. ٻئي پاسي اوقاف کاتي پاران مزار تي چراغان ڪئي ويندي ۽ ثقافت کاتي پاران آخري ڏينهن تي ثقافتي مرڪز ڀٽ شاهه ۾ ايوارڊ تقريب منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ايس او پيز تحت منعقد ڪيل تقريب ۾ ثقافت کاتي پاران شاهه لطيف ايوارڊ تقسيم ڪيا ويندا. درگاهه جي قائم مقام سجاده نشين سيد خاور حسين شاهه وڌيڪ چيو ته شاهه لطيف فائونڊيشن سادگي سان ايس او پيز تحت پنهنجون رسمون ادا ڪندي، 15 سيپٽمبر تي حڪومت درگاهن بابت جيڪو فيصلو ڪندي ۽ نئون نوٽيفڪيشن جاري ڪندي ان بعد وڌيڪ فيصلا ڪيا ويندا اسان چاهيون ٿا ته دعائن جا در کليل هجن ۽ ڀٽائي جو ميلو به ايس او پيز تحت ٿيڻ گهرجي ته جيئن شهرين جو ڪاروبار به ٿي سگهي.