ڪراچي(شوبز نيوز)اداڪاره رباب هاشم جو چوڻ آهي ته هن پهرين نوڪري 10 کان 11 سالن جي عمر ۾ ڪئي.مشهور ادڪاره تازو هڪ ويب شو ۾ شريڪ ٿي ۽ شو دوران هن مداحن کي پنهنجي جاب ۽ ان جي پگهار بابت ٻڌايو.اداڪاره چيو ته هڪ ٽي وي شو ۾ بطور چائلڊ رپورٽر جي ان وقت منهنجي عمر 10 کان 11 سال هئي.رباب هاشم جو چوڻ هو ته هن پهريون آڊيشن 10 کان 11 سالن جي عمر ۾ ڏنو.ياد رهي ته رباب هاشم پاڪستان ڊراما انڊسٽري جي مشهور اداڪاره آهي جنهن ڪيترن ئي ڪامياب ڊارمن ۾ پنهنجا جوهر ڏيکاريا آهن.