پنو عاقل ۾ 10 شاگردياڻين سان مبينا جنسي زيادتي جو مامرو، هڪ متاثر نينگري جو موقف سامهون اچي ويو

0
416

پنوعاقل (ن پ ا) پنو عاقل ۾ 10 شاگردياڻين سان مبينا جنسي زيادتي جو مامرو، هڪ متاثر نينگري جو موقف سامهون اچي ويو آھي.

متاثر نينگري جو چوڻ آھي تھ منير ۽ ياسين جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو، ساڻن گڏ ٻيا ماڻهو به هٿيار کڻي بيٺا هوندا هئا، متاثر شاگردياڻي جو وڌيڪ چوڻ ھو تھ جوابدار تشدد جو نشانو بڻائيندا هئا، جوابدارن ڳجهي نموني وڊيو رڪارڊ ڪئي هئي.

ھي به پڙھندا

 

پنو عاقل: جوابدارن پاران 10 کان وڌيڪ نينگرين کي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻائي وڊيو ڀرڻ جو انڪشاف

 

متاثر نينگري ٽائيم نيوز سان ڳالھائيندي وڌيڪ چيو تھ جوابدار 2-3 ڀيرا زيادتي جو نشانو بڻايو، وڊيو رڪارڊ ڪري بليڪ ميل ڪندا هئا، پني عاقل ۾ 10 شاگردياڻين سان مبينا جنسي زيادتي جو انڪشاف ٿيو ھو.

ھي به پڙھندا

 

پنوعاقل ۾ نينگري سان زيادتي جي تصديق، جوابدار قانون جي پڪڙ ۾ نه آيا