جيڪب آباد: اينٽي ڪرپشن پوليس هٿان رشوت وٺندڙ آبپاشي کاتي جو ملازم گرفتار

0
243
آبپاشي کاتي جو ملازم گرفتار

جيڪب آباد(ن پ ا) اينٽي ڪرپشن پوليس ڳوٺاڻي قمرالدين مندراڻي کان رشوت وٺندڙ آبپاشي کاتي جي ملازم عبدالڪريم بروهي کي گرفتار ڪري ورتو.

گرفتار ٿيل آبپاشي کاتي  جي ملازم عبدالڪريم بروهي خلاف اينٽي ڪرپشن پوليس ڪيس داخل ڪري ڇيڏو.

اينٽي ڪرپشن پوليس گرفتار ملازم کي فرسٽ سول جج جوڊيشل مئجسٽريٽ امتياز حسين لاکير جي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت جوابدار کي ٻن لاءِ ڏينهن ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو.

اينٽي ڪرپشن پوليس جو چوڻ آهي ته آبپاشي کاتي جي ٽنڊيل عبدالڪريم بروهي ڳوٺاڻي قمرالدين مندراڻي کان چنڊ شاخ مان پاڻي بند ڪرائڻ لاءِ 60 ھزار رشوت ورتو رشوت وٺندي ملازم کي سوگهو ڪيو آهي.