پنو عاقل: جوابدارن پاران 10 کان وڌيڪ نينگرين کي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻائي وڊيو ڀرڻ جو انڪشاف

0
594
وڊيو ڀرڻ جو انڪشاف
پنو عاقل: جوابدارن پاران 10 کان وڌيڪ نينگرين کي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻائي وڊيو ڀرڻ جو انڪشاف

پنوعاقل: پنوعاقل ۾ نينگري کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻائيندڙ جوابدار ياسر آرائين ۽ منير آرائين پاران ڏھ کان وڌيڪ نينگرين کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻائڻ بعد ويڊيو ريڪارڊ ڪرڻ جو انڪشاف سامهون آيو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدار ياسر آرائين پرائيوٽ اسڪول ۾ ٽيچر ھو جيڪو ٻه مھينا اڳ اتان ڇڏي ويو آھي . جوابدار ياسر آرائين پنهنجي ساٿي منير آرائين سان ملي ڪري ڏھ کان وڌيڪ نينگرين سان جنسي زيادتي جا ويڊيوز  ريڪارڊ ھئڻ جا انڪشاف ٿيو آهي.

نجي اسڪول انتظاميه چيو آهي ته ياسر آرائين اسان وٽان ٻه مھينا اڳ ڇڏي ويو آھي تصويرون اسانکي ڏيکاريون ويون اسانجي اسڪول مان ڪا به ڇوڪري ناھي .