پي ايس ٽي جي ٽيسٽ جي سوالنامي ۾ غلطين وارو مامرو سنڌ ھاء ڪورٽ پھچي ويو

0
379
پي ايس ٽي جي ٽيسٽ
پي ايس ٽي جي ٽيسٽ جي سوالنامي ۾ غلطين وارو مامرو سنڌ ھاء ڪورٽ پھچي ويو

ڪراچي:  پي ايس ٽي جي ٽيسٽ جي سوالنامي ۾ غلطين وارو مامرو سنڌ ھاء ڪورٽ پھچي ويو. ڪراچي جي شھري خرم شھزاد پاران سنڌ ھاء ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي.

درخواست ۾ سنڌ سرڪار، سيڪريٽري ايجوڪيشن، سيبا ٽيسٽنگ سروس ء ٻين کي ڌر بڻايو ويو آھي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پي ايس ٽي ٽيسٽ  دوران آئي بي اي پاران غلط سوال ڏنا ويا ھئا جنھن جي اميدوارن نشاندھي به ڪئي ھئي،

ٽيسٽ دوران سيبا انتظاميه جي ٽيم غلطين جو اعتراف به ڪيو ھو، انتظاميه غلطين کي درست ڪري مارڪون ڏيڻ جو واعدو ڪيو ھو، ٽيسٽ نتيجو پڌرو ٿيڻ کانپوءِ غلط سوالن بابت مارڪن ۾ ڪو ازالو نه ڪيو ويو آھي، لاڳاپيل ادارن کي ھدايت ڪئي وڃي ته ڏنل غلط سوالن جو ازالو ڪيو وڃي.