پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل ڀرسان ڳوٺ چندن مياڻي ۾ زمين جي تڪرار تان ميراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو،لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب ھڪ عورت صدف سميت ست ڄڻا محڪم الدين ، سراج ، ناصر ، موسي ، مجيب ، آفتاب ۽ نعيم زخمي ٿي پيا آھن جن کي علاج لاءِ تعلقي اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو ويو آھي ، پوليس جو چوڻ آھي ته ڌرين ۾ جھيڙو زميني جي مالڪي تان ٿيو آھي ٻنھي ڌرين جي زخمين کي علاج لاءِ ميڊيڪل ليٽر ڏنو آھي وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون ، جڏھن ته زخمي تعلقي اسپتال پنوعاقل ۾ علاج ھيٺ آھن .