پنو عاقل ڀرسان 3 نوجوان هٿياربندن هٿان مبينا طور اغوا

0
216
پنو عاقل جي سانگي ٿاڻي
پنو عاقل جي سانگي ٿاڻي جي حد مان 3 ڄڻا ڌاڙيلن هٿان مبينا اغوا

پنوعاقل (ن پ ا) پنو عاقل جي دبر ٿاڻي جي حد مان 3 ڄڻا ڌاڙيلن هٿان مبينا طور اغوا ٿي ويا، مغوين ۾ ڪوٽڙي ڪبير واسي احمد ملاح، ٺري ميرواهه واسي فدا حسين ملاح ۽ خانواهڻ واسي سرفراز سهتو شامل آھن

 ٽئي ڄڻا قانون لاڳو ڪندڙ اداري ۾ ڀرتي لاءِ پنو عاقل وڃي رهيا هئا ته اغوا ٿي ويا، هڪ نوجوان حميد ملاح هلندڙ رڪشا مان ٽپو ڏئي فرار ٿي ويو

 اطلاع ملڻ تي مغُوين جا وارث ڌاڙيلن پويان روانا، حد جي پوليس حرڪت ۾ نه آئي، مغوين جي گھرن ۾ روڄ راڙو مچي ويو آھي