سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن بابت فيصلو ۽ پريشان نوجوان!
سنڌ ھاءِ ڪورٽ حيدرآباد بينچ هڪ ڊاڪٽرياڻي جي پٽيشن تي فيصلو ٻڌائيندي 1783ع ڊاڪٽرن ۽ سي سي اي 2018ع ۾ پاس ٿيلن جي مقررين کي رد ڪري ڇڏيو، ان کان سواءِ 1989ع وارا قانون به معطل ڪري ڇڏيا، جنهن سان ڪميشن جو چيئرمين ۽ ميمبر به معطل ٿي ويا، انهن جي مقرري غيرقانوني قرار ڏني وئي آھي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي موجب ڪميشن جي ويب سائٽ به مڪمل طور تي بند ڪئي وڃي پر اڃا تائين ڪو به آخري فيصلو نه ڏنو ويو آھي ته اهو ڪارونهوار ڪيترا ڏينهن بند رهندو ۽ سنڌ حڪومت ۽ ڪميشن کي حڪم ڏنو ويو آھي ته ڪي اهڙا قائدا ٺاهين جنهن سان ڪميشن جو نئون ڍانچو ٺھي ۽ اڳتي ڪميشن ڪم جاري رکي سگهي. ها سنڌ ۾ ھر اداري ۾ ڪرپشن ۽ اقربا پروري پنهنجا نوازي عروج تي آھي پر ان سان ڪنهن اداري کي بند نٿو ڪري سگهجي، باقي بهتري لاءِ اپاءَ وٺي سگهجن ٿا. هتي ته ڪميشن جي سڄي ڍانچي کي ختم ڪيو ويو آھي، جيڪي فيصلو صحيح آھي پر ٻئي پاسي ان کي هلائڻ لاءِ به ڪو ٽائيم فريم يا ڪي تجويزون ڏنيون وڃن، جنهن سان اميد پيدا ٿئي ته هي ادارو ڪڏھن کان پنهنجو ڪم شروع ڪندو. ٻئي پاسي سنڌ حڪومت پاران فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي پر اڃا تائين ڪا به اپيل داخل نه ڪئي وئي آھي. سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ کان پوءِ به ڪيترو وقت لڳندو ان جو به ڪجهه نٿو چئي سگهجي، هاءَ ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ بيروزگارن نوجوانن ۾ بيچني ڇانيل آھي، اهي چاهين ٿا ته ادارن کي ٺيڪ ڪري انهن مان ڪرپشن ۽ سفارشي ڪلچر کي ختم ڪري ميرٽ تي ڀرتيون ڪيون وڃن ۽ انهن ادارن جي سخت نگراني ڪئي وڃي. ٻئي پاسي روزگار جا دروازا بند ٿيندا پيا وڃن، جنهن ڪري نوجوان مايوسي ڏانهن وڃي رهيا آھن انهن کي بچايو وڃي.
اعجاز جان بجير/ ٿرپارڪر
ڪراچيءَ مان اسٽريٽ ڪرائيمز جو خاتمو آڻيو!
سموري سنڌ بدامني جو شڪار آهي پر ڪراچيءَ پاڪستان جو سڀ کان وڏو شهر هجڻ جي ڪري سڀ کان وڌيڪ ڦورن ۽ اسٽريٽ ڪرائيمز ۾ ملوث ماڻهن جو مرڪز بڻيل آهي، ڪراچيءَ ۾ هنڌ هنڌ تي ماڻهن ڊيڄاري ڌمڪائي انهن کان روڪ رقمون ۽ موبائيل فونز سميت اسڪوٽر پڻ ڦريا ويندا آهن، گذريل 5 ڏينهن اڳ هڪ ڦيري ڪري مزدوري ڪندڙ شخص جيڪو ڇولا وڪڻي پنهنجي معصوم ٻارڙن ۽ گھر ڀاتين جو پيٽ پاليندو آهي، ڪراچيءَ جي ضلعي ويسٽ فريد ڪالونيءَ ۾ ان ڦيريءَ واري تي تشدد ڪيو ويو ۽ کيس اغوا ڪري ان جي وارثن کان 10 لک رپين جو ڀنگ گھريو ويو. آئون اهو پڇڻ ٿو ڇاهيان ته ڪٿي آهن قانون قانون جو صدائون هڻندڙ، ڪٿي آهن انصاف جا ٺيڪيدار؟ مزي جي ڳالهه اها ته پوليس جا ماڻهو پاڻ انهن اغواڪارن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن پر پوءِ به اهڙن ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ جو ڪو پلان تيار ناهي ڪيو ويو. اسان اورنگي ٽائون واسي سنڌ جي وڏي وزير، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ٿا ڪريون ته انهن اسٽريٽ ڪرائيمز ۽ ڀنگ لاءِ اغوائن ۾ ملوث گروهن ۽ انهن سان ٻٽ بڻيل پوليس اهلڪارن جي خلاف فوري طور تي گرفتار انهن خلاف سخت کان سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.
شاهمير راجپوت/ اورنگي ٽائون ڪراچي
واهي پانڌي جوهي کي پاڻ سان ملائيندڙ روڊ جي مرمت ڪرايو!
واهي پانڌي ڪاڇي جو اهم شهر آهي، هي اهم شهر واهي پانڌي هر بنيادي سهولتن کان محروم آهي، ڪاڇو جيڪو قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، تيل گئس ڪاڇي مان نڪري رهيو آهي پر واهي پانڌي شهر کان ڏکڻ طرف گئس فيلڊ موجود آهي، هر سال تيل گئس انتظاميا ترقياتي ڪمن لاءِ جوهي دادو جي چونڊيل نمائندن کي فنڊ جاري ڪندي آهي، واهي پانڌي ڪاڇي جي روڊ جي حالت هن تصوير وسيلي توهان ڏسي سگھو ٿا، تڪ جا چونڊيل نمائندا تيل گئس ڪمپني طرفان ملندڙ فنڊ ڪٿي خرچ ڪندا آهن، ڪنهن کي خبر ناهي، هن جديد دور ۾ ڪاڇي واسي روڊ جهڙي نعمت کان محروم آهن، جنھن لاءِ وس وارين اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪندس ته مهرباني ڪري جوهي واهي پانڌي روڊ جي مرمت ڪرائي علائقي جي ماڻهن جي پريشاني ختم ڪئي وڃي.
سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو
هڪ چٺي پ پ پ ضلعي سکر جي صدر ڏانهن!
مانوارا صدر صاحب، اوهان کي پيپلزپارٽي ضلعي سکر جو عهدو ڏئي هڪ وڏي ذميواري ڏني آهي، اوهان جي پارٽي کي سنڌ ۾ حڪومت آهي، ڳالهه اها آهي ته اوهين پ پ پ ضلعي سکر جي صدر جي حيثيت سان ان پارٽي سان وابسطا سينئر ۽ نظرياتي ڪارڪنن آهيو جيڪي سالن کان هر ڏکئي وقت ۾ پارٽيءَ سان گڏ رهيا آهيو ۽ پنهنجي پنهنجي تعلقن اندر هن وقت به سرگرم آهيو. هن وقت اوهان طرفان انهن ڏانهن ڌيان جي ضرورت آهي، سنڌ حڪومت پنهنجي ٽين بجيٽ پيش ٿي رهي آهي. صوبي ۾ 01 کان 04 گريڊ تائين جون مختلف کاتن ۾ نوڪريون پڻ ڏئي رهي آهي. اهي نوڪريون ظاهر آهي ته پ پ پ طرفان هميشه جيان پنهنجن ماڻهن، پ پ پ جي بيروزگار ڪارڪنن ۽ پ پ پ ووٽرن کي ڏنيون وينديون. اوهان مان اها اميد ٿي ڪجي ته ضلعي ۾ آيل نوڪرين لاءِ ميرٽ تي پورو لهندڙ نوجوان ۽ غريب ماڻهن جو خاص خيال رکيو وڃي. اهي نوڪريون پارٽي ڪارڪنن ۽ ووٽرن سان گڏ غريب ماڻهن کي ڏنيون وڃن ته بهتر ٿيندو. پ پ پ هميشه کان اٽي، لٽي ۽ اجهي وارو واعدو عوام سان نڀائيندي رهي آهي، انهن کي روزگار ڏئي انهن جي لاءِ روزگار واري بنيادي ضرورت کي پورو ڪندي رهي آهي. هن وقت اوهان کي هن خط وسيلي اها گذارش ٿي ڪجي ته اوهين صدر پ پ پ ضلعي سکر جي حيثيت سان ان ڳالهه جو خاص خيال رکندا ته ضلعي ۾ آيل نوڪريون پ پ پ جي ڪارڪنن ۽ ووٽرن کي ڏيارڻ ۾ وسان ڪين گهٽائيندا ۽ ان ڳالهه جو به خيال رکيو وڃي ته اهي نوڪريون ضلعي سکر جو ڊوميسائل رکڻ وارن ماڻهن کي ملڻ کپن جيئن انهن جي حق تلفي نه ٿئي.
محمد اسلم ماڪو/ پنوعاقل
سياسي انتقامي ڪارروايون بند ڪريو!
ڪيتري ئي وقت کان سڄي سنڌ ۾ سياسي انتقامي ڪارروايون ڪيون پيون وڃن، خاص طور تي ضلعي ڪشمور، شڪارپور ۾ ٿاڻن جا ايس ايڇ اوز ضلعي انتظاميا جو حڪم مڃڻ بدران بنگلن تان مليل هدايتن تي عمل ڪري رهيا آهن، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، شڪارپور ضلعي ۾ سياسي انتقام وٺڻ لاءِ‎ ڪجھ ڏينهن اڳ سياستدانن جي اشاري تي ڪراچي ۾ شڪارپور پوليس چڙهائي ڪري تيغو خان تيغاڻي کي گرفتار ڪري، مٿس ڏوهارين جي سرپرستي جو هڪ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، تيغو خان تيغاڻي کي پوليس سياسي انتقام جو نشانو بڻائيندي کيس گرفتار ڪري مٿس ايف آءِ آر داخل ڪري ڇڏي آهي، اها هڪ سياسي راند آهي، تيغو خان تيغاڻي هميشه پوليس جي مدد ڪندو رهيو ۽ ڏوهارين جو پڻ خلاف رهيو آهي پر هر وقت سردار تي سياسي وفاداريون مٽائڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي. پوليس جي اهڙي انتقامي ڪاررواين جو اعليٰ اختيارين، آءِ جي، سنڌ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو سميت ٻين وس وارن کي اپيل ٿي ڪجي ته شفاف جاچ ڪرائي سردار تيغو سان انصاف ڪيو وڃي.
نورحسن سبزوئي/ڪنڌڪوٽ  
سول سروينٽس خدمت بجاءِ ڪاروبار کولي ورتا!
پاڪستان ۾ بظاهر ته چونڊيل نمائندن جي حڪومت آھي پر اصل ۾ آفيسر شاهي جو راڄ آھي، ھر ننڍو وڏو جائز ناجائز ڪم ڪرڻ کان کين ٻرو چڙهيو وڃي، آفيسر کان نائب قاصد تائين سڀني جي اک ان فرد جي کيسي تي هجي ٿي، جيڪو ڪا شڪايت داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي وڃي، کاتي لاءِ روينيو ۾ وڃي، سرٽيفڪيٽ لاءِ اسڪولم ڪاليج وڃي، قرض لاءِ بئنڪ وڃي يا اڪائونٽ آفيس ايستائين جو ڊوميسائل لاءِ ضلعي آفيس وڃي، بجلي جي مسئلي ۾ واپڊا وارن وٽ وڃي. ڪٿي به وڃي بنا ڏني ڪو به ڪم نٿو ٿئي. وري ڪا آفيس ليٽر يا لائيٽ جو بل ڪڍندا آھن ته مٿي ئي مٿي لکيل هوندو آھي “ڪرپشن کان انڪار” سچ پڇو اهو جملو پڙھي پهرين ڏاڍي ڪاوڙ ايندي آھي پوءِ شرم ايندو آھي، شرم ان لاءِ ته جائز ڪم جا به پئسا ڏناسين ۽ مٿان وري يادگيري ٿا ڏيارين ته ڪرپشن کي ٻنجو ڏيو. خدا جي ڪا مار پوين. جيڪي ادارا عوامي ڀلي لاءِ وجود ۾ آندا ويا جن ادارن جو ڪم سائل کي ٻڌڻ بنادير سندس چائنٺ تي مسئلي جو حل پيش ڪرڻ آھي ۽ سرڪاري طرح جيڪا سروس عوام لاءِ مقرر ڪيل آھي، اها به پهچائڻ ڪنهن رنڊڪ جي صورت ۾ شڪايت تي ترت اڪلائڻ، يعني عوام جو سهولتڪار بڻجڻ پر بدقسمتيءَ سان ادارن ۾ ويٺل وڏا پيٽ ۽ ننڍا ذھن عوام کي رليف ڏيڻ بجاءِ انهن کي تڪليف پهچائڻ ۾ وسان نٿا گهٽائين. عوام کان رشوت وٺي عوام جي رت ۽ ست جي ڪمائي تي عياشيون ڪن ٿا. انهن لالچي لٽيرن کي ڪو احساس ئي نٿو ٿئي، انهن اهڙو خراب ٽرينڊ سيٽ ڪيو آھي جو ھر مائٽ لالچ ۾ اچي پنهنجي ٻار کي جائز ناجائز طريقي سان سرڪاري آفيسر بڻائڻ لاءِ ھر ممڪن سيڙپ ڪري ٿو. اهو اميد ٿو ڪري ته ان جو اولاد آفيسر بڻجي چئوڻا پنجوڻا ڪمائي ايندو، جيڪا سيڙپ ڪئي هوندي اها 2 سالن ۾ نڪري ويندي. سول سروس خدمت بجاءِ ڪاروبار بڻجي وئي آھي، مسيحا ڪاسائي ۽ پيغمبر جانور بڻجي چڪا آھن.
ابراهيم لنڊ/ڪلوئي، ٿرپارڪر
ميان جي مهمان نوازي!
سنڌ ڌرتي مهمان نوازي سبب ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ مشهور آهي، هن وقت به سنڌ ۾ اهڙا جوڌا جوان موجود آهن جيڪي پنهنجن وڏڙن جي ريتن رسمن کي جيئاريندا پيا اچن. اهڙن ئي مهمانوازن شخصيتن منجهان پروفيسر ميان دلدار رضا اڄڻ به هڪ آهي، پاڻ نهايت ئي بااخلاق، باسيرت ۽ باادب انسان آهن، سندس تعلق فقير گهراڻي سان آهي، ان ڪري پاڻ تمام گهڻا سخي ۽ رحمدل آهن. سندن خانداني شجرو ميان چنيهه فقير اڄڻ کهڙا واري سان ملي ٿو، جنهن کي درازن جي دولهه حضرت سچل سرمست رحه وٽان روحاني فيض مليو، ميان چنيهه فقير جا مريد خيرپور ضلعي ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ آباد آهن. ميان دلدار رضا به سندس ئي خاندان منجهان هڪ آهي. پاڻ هن وقت گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سرائي پيارو خان ۾ پنهنجون تعليمي خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. پاڻ وقت به وقت دوستن کي پنهنجي آستاني تي قرب جي ڪوٺ ڏيندا رهندا آهن. معمول موجب اڄ به پاڻ پنهنجي آستاني تي ڪاليج جي سڀني دوستن جي مان ۾ مانجهنڊي جو بندوبست ڪيو. ڪاليج بند ٿيڻ کان پوءِ پرنسيپال پروفيسر سيد غلام حسين شاهه صاحب جي اڳواڻي ۾ ڪاليج جي تدريسي ۽ غير تدريسي شعبي سان تعلق رکندڙ اسٽاف ميان جو ڪڙيو لڳ ڪنب شهر پهتا، جتي ميان دلدار سندس ڀاڻيجي ميان احمد علي ۽ سندس ساٿين کي دل جي گهراين سان ڪاليج جي سموري اسٽاف کي ڀليڪار ڪيو. ميان صاحب پنهنجن ساٿين سان گڏ دل جي خلوص وچان سڀني ڪاليجي دوستن کي لنگر ڪرايو. لنگر ڪرڻ کان پوءِ هر دوست پنهنجي منزل طرف روانو ٿي ويو.
عبدالستار کوکر/ ڪنب
تبديلي سرڪار ۽ مهانگائيءَ جي گھاڻي ۾ پيڙجندڙ عوام!
پياري ۽ اسلامي جمھوريه پاڪستان جون سموريو واڳون تبديلي سرڪاري جي حوالي ٿيل آھن، وزيراعظم عمران خان صاحب وزيراعظم ٿيڻ کان اڳ صرف تبديلي تبديلي جون ڳالھيون ڪندي نظر ٿي آيو، جنھن واقعي ھڪ اھڙي تبديلي آندي آھي جو عوام جي اصل چيلھ ئي چٻي ڪري ڇڏي اٿس. اھا به ھڪڙي تبديلي چئبي، مثال طور ميان نوازشريف جي گذريل دور ۾ پيٽرول في ليٽر 65 رپيا هو ۽ اھو ھنئير في ليٽر 115 کان هڪ سئو ويهه رپين تائين ملي ٿو، اصل ۾ اسان جنھن تبديلي جي خواھش رکون ٿا اھا تبديلي گذريل نواز ليگ جي دور ۾ نظر آئي هئي، جيتوڻيڪ منھنجو ڪو نوازشريف يا ان جي پارٽي سان ڪو ويجھو تعلق ناهي يا مان ڪو انهن ڪارڪن ئي آهيان، پر سنڌي ۾ چوڻي عام آھي “لٺ ڀلي ڀاءُ بدران ئي کڻجي پر جواب خدا کي حاضر سمجھي ڏجي” سچ اهو آھي ته مزدور طبقو ته اڪثر پاڻ مان ئي بيزار آھي، ان ڪري خدارا مھانگائي تي ڪنٽرول ڪري ماڻھن کي وڌيڪ پريشانين کان بچايو وڃي.
افضل نبي ٻجورو/سجاول
منشيات جو ڳڙھه بڻيل ڪلوئي!
ڪلوئي ستون ميل ونگو پتڻ بلوچ آباد، ان جي آسپاس وارن ڳوٺن ۽ علائقن ۾ منشيات سري عام وکر جيان وڪامجڻ لڳي آهي، ڪلوئي پوليس ڪا به هن وقت ڪارروائي نه ڪئي آهي، هن وقت ڪلوئي شهر ۾ مڪمل طور منشيات جي ور چڙهيل آهي، جنھن ڪري نوجوان نسل ڏينهون ڏينهن تباهه ٿي رهيو آهي پر ڪلوئي پوليس هن وقت تائين ڪا به ڪارروائي ڪرڻ بدران منشيات فروشن کان رشوت وٺي کين منشيات جي وڪري جو لائنسنس ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن ڪري منشيات سرن جي بٺن تي سرعام ڪچو شراب رات جي وقت تي ٺهي ٿو، ڪلوئي شهر ۾ ڪافي اهڙيون مسواڙي جڳھيون به آهن جتي رات جي وقت موالين جا ٽولا لٿل هوندا آهن، اتي ڪلوئي جا ٻه پوليس اهلڪار به سرعام منشيات وڪرو ڪن ٿا. ياد رهي ته ڪلوئي شهر ۾ ڪافي سالن کان وٺي ٻه پوليس اهلڪار به سفينا گٽڪو مختلف مانڊڻين، اسٽاپن ۽ علائقن ۾ وڃي وڪرو ڪن ٿا، جڏهن ته شهر ۾ رات جي وقت گهڻو شراب ۽ چرس جا موالي سرعام نظر اچن ٿا، جيڪي ماڻهن جي رستا روڪ ڪن ٿا. اسان هن چٺي وسيلي ايس ايس پي ٿرپارڪر ۽ ڊي آءِ جي ميرپورخاص کان مطالبو ٿا ڪريون ته شهر مان منشيات جو خاتمو ختم ڪرايو وڃي ۽ نوجوان نسل تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي.
صوفي محمد حسن نهڙيو/ ٿرپارڪر‎
محمد ابراهيم چڍڙ کي ڪير آزاد ڪرائيندو؟
15 ڏينهن اڳ پوليس هيڊ ڪانسٽيبل محمد ابراهيم چڍڙ ۽ ان جي گهر واري مائي سچل پني عاقل ويندي گهوٽڪي جي حد مان ڌاڙيلن هٿان کنڀجي وڃن ٿا ۽ جڏهن انهن جون موبائيل لاڳيتو بند هجڻ ڪري ٽريس ڪرائجي ٿي ته هن جي لوڪيشن شڪارپور گڙهي تيغاڻي ٻڌائي وڃي ٿي، ان کان پوءِ انهن مغوين جي گهر ۾ روڄ راڙو شروع ٿي وڃي ٿو، معصوم ٻار ان ڏينهن کان اڄ تائين قرآن پينگهي ۾ وجهي لوڏين پيا پر افسوس ته ڪو چونڊيل نمائندو هنن جي گهر نه پهتو آهي، جو هنن مسڪينن جي سار لڌي وڃي، جيڪي ووٽن وقت سوين ڦيرا ڪندا آهن. محمد ابراهيم هڪ مسڪين پوليس وارو آهي، جنهن وٽ پنهنجو گهر به ناهي، هو پوليس لائين ڪوارٽر ۾ رهندڙ آهي ۽ ڌاڙيلن هنن کان 50 لک ڀنگ طلب ڪيو آهي، جن مسڪينن جي پگهار مان مهينو ڏکيائيءَ سان نڪري اهي 50 هزار ڪٿان ڏين؟ افسوس جي ڳالھ اها آهي ته جڏهن ميڊيا توڙي سوشل ميڊيا تي اها ڳالھ وائرل ٿي ته ايس ايس پي گهوٽڪي چيو ته شوشو نه ڪيو، مان مغوي کي آزاد ڪرائيندس پر مغوي جي گهر لڙي به ناهي آيو، توڙي جو مغويءَ جو گهر ايس ايس پي آفيس جي ويجهو آهي، سوال هي آهي ته جڏهن پوليس ڌاڙيلن کان محفوظ ناهي ته ضلعي جي عوام ڪنهن جي سهاري تي آهي؟
علي حسن “احسن” چڍڙ/ ميرپورماٿيلو
جيل جي ڊائريءَ جا ورق!
مون اڄ لائبريري به جلدي کولي، رشيد جماليءَ جي دوستن مشين سان شيو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪا انهن کان خراب ٿي وئي. منهنجي ڀائرن جي ڳوٺ ۾ ڪنهن پارٽيءَ سان جھيڙي جو ٻڌي ڏاڍو پريشان ٿي ويس، بلڊ پريشر وڌي ويو، ڊاڪٽر دوا وغيره ڏئي ويو، ان کان سواءِ آئون فلسطيني مسلمانن لاءِ به فڪرمند آهيان. خادم شهاڻيءَ جي اڄ تاريخ هئي پر جج موڪل تي ويل هو. ممڪن آهي ته هو پنهنجي گھر هن آڙاهه مان بچي هليو وڃي پر هيٺين ڪورٽن جو فيصلو اڪثر قيدين جي خلاف ئي اينديو اهي، خاص طور تي وڏي خون جھڙن گناهن جو، ڇو جو قيدي وٽ اپيل جو رستو به موجود هوندو آهي ۽ سيشن ڪورٽن جا جج سڳورا هاءِ ڪورٽن جي ججن جيان بهادر ناهن هوندا. اهو اڪثر دانهيدڙن (مدعي) ۽ هُن جي وڪيلن کان به گھٻرايل هوندا آهن. خادم جي بري ٿي اچي ها ته هُن جا هانڊي وال ۽ دوست اُداس ٿي پون ها ۽جي هُن کي عمر قيد سزا اچي ها ته وڌ کان وڌ قيدي خوش هجن ها ۽ هُن کي منهن ڦٽائي چون ها ته اسان کي ڏاڍو ڏک ٿيو، توهان جي سزا جو ٻڌي پر اصل ۾ دل ئي دل ۾ خوش ٿين ها. اسان قيدي ذات ڏاڍا منافق هوندا آهيون جيڪي ڪنهن کي آزاد ٿيندو ڏسي نٿا سگھون خاص طور تي پڪا ۽ پراڻا قيدي جنهن وٽ اُميدن کان سواءِ ڪجھه به ناهي هوندو.
آصف غلام رسول ڇلگري/ سينٽرل جيل حيدرآباد
احتجاج، احتجاج، احتجاج!‎
اھا پراڻي ڳالھ آھي ته جڏھن سنڌ مٿان دشمن طاقتون حملا آور ٿينديون آهن ته پوءِ اھي عربن هجن، ترخانن مغلن يا وري انگريز هجن، ھر ھڪ دور ۾ سنڌي ماڻھن جڏھن به سنڌ سان محبت جو اظھار ڪري ڌرتي جو دفاع ڪيو ھوندو تڏھن انھن کي ڌرتيءَ جي محبت جي ڏوھه ۾ ڪنھن نه ڪنھن طرح سزائون ڀوڳڻيون ئي پيون ھونديون. ھنيئر به بحريا ٽائون جي پرامن احتجاج کان پوءِ ان کي جيڪو رنگ ڏنو ويو آهي تنھن تي سنڌ جي قومپرستن اعلان ڪندي چيو آهي ته پرامن احتجاج جي ڀڃڪڙي ڪندڙ اسان مان ناھن، پوليس جو ڪم آھي انھن کي گرفتار ڪري، اصل ڳالھ ته جن به باھ لڳائي يا ڀڃڊاھ ڪئي ۽ اتي پرائيويٽ يا سرڪاري فورس پاران انھن کي ان وقت ئي گرفتار ڇو نه ڪيو ويو؟ ھنئير صنعان قريشي جي گرفتاري تي سنڌ ڏکاري آھي، گڏوگڏ قومي عوامي تحريڪ جو اڳواڻ اياز لطيف اتي موجود به نه ھو پر ان تي به ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، ھوڏاھن ڊاڪٽر قادر مگسي جي گھر تي چڙهائي سان سان گڏ سنڌ جي سڀني قومپرستن سميت 10 ھزار ماڻھن تي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. اسان فقط ايترو چئون ٿا ته ھن مسئلي کان پوءِ پيپلزپارٽي پنهنجي عوامي طاقت وڃائيندي نظر اچي رهي آهي ڇو جو ھن اھم مسئلي تي ھر ان ماڻھو جي به پيپلز پارٽي مٿان ناراضگي آھي جيڪي ھر ڀيري ووٽ پيپلزپارٽي کي ڏيندا آھن. بحريا ٽائون جي نالي ترقي جا خواب ڏيکاريندڙ پھرين اھو ٻڌائين ته لکين گھر ڊاھي ٻئي پاسي نيون اڏاوتون ڪرائي قبضا ڪرڻ اھا ڪٿان جي ترقي آھي؟ انڪري سنڌ سرڪار ۾ ويٺل مڙني سياستدانن کي گھرجي ته بھتري ان ۾ آھي ته جن جن تي به ڪيس داخل آھن اھي ختم ڪرائي عوامي آواز کي دٻائڻ بند ڪيو وڃي، نه ته پوءِ نتيجا انتھائي خراب نڪري سگھن ٿا، جنھن کي حل ڪرڻ اوھان جي وس ۾ نه ھوندو.
رياض امر ٻجورو/سجاول
حيران ٿي پڇيم هاريءَ کان، هي کيت ڪنهن اجاڙيا آھن!‎
ڌرتيءَ جي محبوب شاعر ايوب کوسي هڪ هنڌ لکيو هو ته “منھنجي دور جا ماڻهو ھوا به پئسا ڏئي خريد ڪن ٿا، ان ڪري جيڪڏهن ڪو پاڻ کي وڪڻي ٿو ته ان تي عجب به ڪھڙو ڪجي.” هتي الميو اهو آھي ته اسان پنهنجو پاڻ کي وڪڻي ڇڏيو آھي ۽ پنهنجيون ملڪيتون ڌارين جي حوالي ڪري ڇڏيون آھن، اسان ئي ڌارين کي ڀليڪار ڪيو، ڪجهه ٽڪن عيوض ڌارين کي پنهنجيون ملڪيتون وڪڻي پنهنجن ئي شھرن ۾ کين مضبوط ڪيو آھي. ڪنهن دوست کان پي پڇيم ته سنڌ ۾ بلڪه سنڌ جي هر ننڍي وڏي شھر ۾ ڏينهون ڏينهن ڌارين آبادڪاري وڌندي پئي وڃي، ان جا ڪهڙا سبب آھن؟ وراڻيائين ته ان ۾ اسان پاڻ زميوار آھيون، مثال ڪنهن زمين جو ملھ 10 لک رپيا آھي ته ڌاريون اسان تي قابض ٿيڻ لاءِ ان زمين جا 12 کان 13 لک ڏئي زمين خريد ڪري وٺندو آھي، ٻيو مثال سنڌ جي هر ننڍي وڏي شھر ۾ دڪان جي مسواڙ به مقامي ماڻھوءَ کان ڌاريون ٻيڻ تي ڏئي ٿو، جنهن ڪري اسان جا سنڌي ڪجهه ٽڪن عيوض ڌارين کي جيءَ ۾ جايون ڏئي انهن کي ئي سڀ ڪجهه پنهنجو سمجهي ويهن ٿا ۽ ان کان پوءِ نتيجو ڇا ٿو نڪري اهو سڀني جي سامهون آھي. اها حقيقت آھي ته اسان سنڌي ماڻھن مهمان نواز بڻجي جن کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون آھن، انهن ئي ڌرتي ڌرڻين کي آزاريو آھي. ڪڏهن ماڳ ۽ مڪانن تي قبضا، ڪڏهن قبرستانن تي قبضا، ڪڏهن ڍنڍن ڍورن ۽ دريائن تي قبضا، ڪڏهن ڌرتيءَ جي وسيلن تي قبضا، مطلب ته ڌرتي ماءُ کي هر دور ۾ يتيم سمجهي ڦريو ۽ لٽيو ويو آھي. بقول شاعر جي ته:
حيران ٿي پڇيم هاريءَ کان، هي کيت ڪنهن اجاڙيا آھن؟
وراڻيائين ڏوھ ناهي گدڙن جو، پنهنجي گهر جا ڪتا ئي ڀاڙيا آھن.
غلام علي گل/ ٻيلو