سوال/سروي بجيٽ ۾ ملازمن جون پگهارون وڌايون وڃن، بيروزگارن کي نوڪريون ڏيو، مهانگائي گهٽائي صحت ۽ تعليم لاءِ وڌيڪ فنڊز رکيا وڃن: عوام

0
334

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته وفاقي حڪومت سڀاڻي بجيٽ پيش ڪندي، اوهان جون ڪهڙيون تجويزون آهن؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته مهانگائي گهٽائي وڃي، عام واهپي واريون شيون سستيون ڪيون وڃن، بيروزگارن کي نوڪريون ڏنيون وڃن، سرڪاري ملازمن جون پگهارون وڌايون وڃن، يونيورسٽي سطح تائين تعليم مفت ڪئي وڃي، صحت لاءِ وڌيڪ فنڊز رکيا وڃن، ڪجهه ماڻهن چيو ته اها بجيٽ به عوام دشمن هوندي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي رشيد ابڙو لکيو ته بجيٽ پوري سال جي ٺاھي پيش ڪرائن ائين نه ٿئي ته ٻئي ٽئين مھيني عوام مٿان مھانگائي جا پھاڙ ڪيرايا وڃن، ماجد سمون لکيو ته جنهن ملڪ ۾ وزير اعظم جي تجويز تي عمل نه ٿئي اتي اسان جي تجويز تي عمل ته ڪو معجزو ئي هوندو، بجيٽ وفاقي سرڪار نه پر ڪو ٻيو آڻيندو، آزاد انور مهر لکيو ته بجيٽ مهانگائي ۽ خاص طور امن امان کي نظر ۾ رکي پيش ڪئي وڃي. خادم گهراڻو لکيو ته بجيٽ ۾ عوام کي فائدو ڏنو وڃي بجلي گئس تيل اٽو کنڊ سستي ڪئي وڃي سرڪاري ملازمن جا نوان اسڪيل پيش ڪيا وڃن، الائونسز سوڌو پگهارون وڌايون وڃن، غفار احمد لغاري لکيو ته بجيٽ ۾ کنڊ، گيهه، پتي، دوائون، تيل، بجلي ۽ گئس سستيون ڪيون وڃن ۽ وڌ کان وڌ بيروزگارن کي روزگار ڏيڻ لاءِ رٿائون جوڙيون وڃن، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته عوام کي رليف ملڻ گهرجي، ابراهيم لکيو ته مهانگائي ختم ڪئي وڃي، محمد پريل عباسي لکيو ته سڀ کان پھريون صوبن کي پورا حق ڏنا وڃن مھانگائي تي ڪنٽرول لاءِ سبسڊي ڏني وڃي، ملازمن جي پگھارن ۾ واڌ ڪئي وڃي، سرڪاري نوڪرين ڏيڻ جو اعلان ڪيو وڃي،اياز احمد بلوچ لکيو ته يونيورسٽي سطح تائين تعليم مفت ڪئي وڃي، آفتاب لغاري لکيو ته مهانگائي کان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي، صحت ۽ تعليم لاءِ وڌيڪ فنڊ رکيا وڃن، مهاوير ٽيڪواڻي لکيو ته ڪڻڪ تي سبسڊي ڏني وڃي، صحت تعليم لاءِ فنڊ رکيا وڃن، ضمير بلوچ لکيو ته ڪيتريون به تجويزون پيش ڪيون ڪرپٽ حڪمرانن مان اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گھرڻ برابر آھي، علي مراد لاشاري لکيو ته مهانگائي ۽ بيروزگاري ختم ڪئي وڃي، آفتاب مٺڻ سمون لکيو ته پاڻي، زراعت، ماهيگيري ۽ چوپايو مال تي وڌيڪ ڌيان ڏنو وڃي، شاهد شر لکيو ته بيروزگارن کي ڪوئي فائدو نه پوندو، عاشق حسين لکيو ته اميد ته مهانگائي گهٽ ڪندا، امام بخش سنڌي لکيو ته عام واهپي واريون شيون سستيون ڪيون وڃن، بشير ميراڻي لکيو ته بجيٽ عوام جي لاءِ نه پر اميرن جي لاءِ هوندي آهي، ڪاشف ڪنڀر لکيو ته ملازمن جون پگهارون به وڌايون وڃن، عبدالهادي لکيو ته وفاقي بجيٽ انگن اکرن جي راند هوندي، جانب ڪٽوهر لکيو ته سستائپ ڪئي وڃي، ايم بي قادري لکيو ته وڌ کان وڌ تعليم تي خرچ ڪيو وڃي،الطاف پرويز ڀٽو لکيو ته بجيٽ رڳو ڪاغذن جو پيٽ ڀرڻ آهي عام ماڻهن کي لاڀ نه ملندو، لطيف ڪاشف ڪلهوڙو لکيو ته حڪومت ڪڏھن عوام کي رليف ڏنو آھي ڇا.؟ هر دفعي سگريٽن جو ريٽ وڌائي ڇڏيندا آھن، علي پرمار لکيو ته ڀاڻ تي سبسڊي ڏني وڃي، محمد قاسم کوسو لکيو ته هي رٿيل بجيٽ آهي، ان ۾ ترميم ممڪن ناهي، واحد کوڙ لکيو ته بس پنهنجو پيٽ ڀريندا، شاهد ڪٽوهر لکيو ته جي ايس ٽي ٽيڪس کي گهٽايو وڃي، عبدالحفيظ ويسر لکيو ته ملازمن جون پگهارون وڌائڻ بدران عام کي رليف ڏنو وڃي، ممتاز علي لکيو ته ٿر ۾ پاڻي جو بحران ختم ڪرڻ گهرجي، اعجاز بجير لکيو ته ملازمن جون پگهارون وڌايون وڃن، هالار ياسين لکيو ته تجويز ڪهڙي ڏيون، جسونت سنگهه لکيو ته سگريٽن کي ٽانڊو نه ڏين، ايم يوسف لغاري لکيو ته عام واهپي جي شين تي ٽيڪس گهٽايا وڃن، امتياز علي لکيو ته پگهارون وڌائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، ڊي ڪي بلوچ لکيو ته عوام دشمن بجيٽ هوندي، منصور جي ڪي لکيو ته کاڌي پيتي جون شيون ۽ سگريٽ سستا ڪيا وڃن، عامر حسين ۽ شڪر الدين گجو لکيو ته عوام کي رليف ڏنو وڃي، سجاد منگي لکيو ته سنڌ سان ظلم نه ڪن، شمس الدين رند لکيو ته مهانگائي گهٽائي وڃي، منير احمد ۽ الهڏنو بلوچ پگهارن ۾ واڌ جي گهر ڪئي، موتي رام ميگهواڙ لکيو ته ڪھڙي اميد رکجي عمران ۾، موهن لال لکيو ته تجويز آءِ ايم ايف وارن جي هلندي، جاني شاهه لڪياري لکيو ته مهانگائي ختم ڪئي وڃي، مظفر شبير بوزدار لکيو ته بجيٽ مان چونڊيل نمائندن کي فائدو حاصل ٿي سگهي ٿو باقي ته غريب سدائين سورن ۾ آهن من پسندن جا ڪم ٿيندا، حبيب الله عمراڻي لکيو ته عام واهپي واريون شيون سستيون ڪيون وڃن، ڏهاڙيدار طبقو گهڻو پريشان آهي انهن جي باري ۾ سوچڻ گهرجي، سڪندر بلوچ لکيو ته وفاقي بجيٽ ھميشه جيان غريب دشمن ھوندي آھي جنھن ۾ غريب پورھيت بيروزگارن کي ڪوبه رليف ناھي ملندو، عادل خان ناريجو، عاشق چانڊيو، نور بوزدار، منصور منڱريو، شاهه رخ جکراڻي ۽ ٻين پڻ راءِ جو اظهار ڪيو.