فقير مُحب جمالي کي آزاد ڪيو!
         سنڌ جي ھڪ سياسي پارٽي پاران سدائين پنھنجي مُخالف پارٽي جي اڳواڻن سان پوليس ۽ ٻين ھٿڪنڊن ذريعي سياسي انتقامي ڪارواين جي روايت ڪا نئين ڳالھه ڪونھي. ان سياسي پارٽي جي اڳواڻن ھميشه پنھنجي مخالف پارٽي وارن کي جھڪائڻ لاءِ پوليس کي استعمال ڪيو آھي. پوليس ھٿان مٿن ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا آھن ۽  کين سياسي انتقام جو نشانو بڻائي مخالفن کي جھڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ٿيندي رھي آھي. جيڪا نامناسب ڳالھه آھي. تازو ٻه ھفتا اڳ شھيد بينظيرآباد ضلعي جي تعلقي سڪرنڊ سان تعلق رکندڙ فنڪشنل مسلم ليگ اڳواڻ ۽ جمالي برادري جي چڱي مڙس فقير محب خان جمالي کي پڻ سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو آھي. بينظيرآباد جي ايس ايس پي تنوير حسين تنيو جي ھدايت تي 25 پوليس مُحب جمالي جي  ڳوٺ ڪُنب ليمان تي چڙهائي ڪري انڌا ڌند فائرنگ ڪئي وئي. چوطرف خوف وارو ماحول پکڙجي ويو، چادر ۽ چوء ديواري جو به خيال نه ڪيو ويو. فقير مُحب جمالي جي گرفتاري بعد مٿس شھيد بينظيرآباد پوليس ھڪ ئي ڪلاڪ ۾ 9 ڪوڙا ڪيس ظاھر ڪيا  آھن. حڪمرانن کي سوچڻ گھرجي ته مُحب جمالي تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ساڻس سياسي انتقامي ڪاروائي ڪرڻ ڪٿان جو انصاف آھي؟  اسين وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ، آءِ جي سنڌ پوليس کي اپيل ٿا ڪريون ته گھڻ رخي جاچ ڪري کيس آزاد ڪيو وڃي ته جيئن عوام ۾ پيدا ٿيل بيچيني ختم ٿي سگھي.
صدام جمالي/بکرجمالي
قوم کي شعور ۽ سجاڳي جي ضرورت آهي
اسانجي سنڌي قوم ۾ ذات پرستي واري بيماري نه هجي ها ته ڪافي حد تائين اسان اڳتي هجون ها، بدقسمتي سان اسان وٽ ذات پرستي واري بيماري تمام گهڻي آهي، ڪو چئي مان کوسو ذات کي سپورٽ ڪيان ٿو، ڪو وري چئي مان چانڊيي ذات کي سپورٽ ڪيان ٿو،، وري ڪو چئي مان مگسي ذات کي سپورٽ ڪيان ٿو، اھڙيون کوڙ ساريون ذاتون آهن جنهنجي ڪري اسان غلامي ۾ جڪڙيل آهيون، پر ڪنهن ائين ڪون چيو آهي ته اچو ته سڀ گڏجي پنهنجي بنيادي حقن لاءِ جدوجهد ڪيون. هڪ ڳالھه مونکي ياد اچي وئي ته آمريڪا ۾ هڪ ماڻهو جو قتل ٿئي ٿو ته پوري آمريڪا ۾ ٿرٿلو مچي وڃي ٿو. سڀ آمريڪي روڊن رستن تي نڪري اچن ٿا، ڪاش سنڌي به ذات پرستيءَ مان نڪري پنهنجي بيگناهه ماڻهن جي قتل تي روڊن تي نڪرن ها ته اڄ اسان انصاف لاءِ رڙيون نه ڪيون ها. اڃان به وقت آهي اسانکي ذاتين مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي ۽ پنهنجي ٻچن کي پڙهايون ۽ انهن کي شعور جو سبق ڏيون، بدقسمتي آهي جو اسان وٽ وڏيرڪو نظام آهي ۽ ڪو به وڏيرو يا ڀوتار نه چاهيندو ته منهنجي ذات جو ھي ھاري جو پٽ مونکان مٿي هجي، تنهن ڪري اسان کي شعور واري زندگي گذارڻ کپي. هنن ظالمن کي تڏهن سيکت ايندي.
علي محمد کوسو/ شهدادڪوٽ
بکرجمالي واسين لاءِ سوا ٻه ڪلو ميٽر روڊ کپي…!!
ھوئين ته مٽياري ضلعي ۾ترقياتي ڪمن جي باري ڪابه سٺي خبر ناھي، پويان ڪيترائي سال پوئيتي وڃجي ته ڪٿي به ڪو ترقياتي ڪم ٿيل ناهي. مٽياري جا ڌڻي نه ڄاڻ ڇو بي ڌيان ٿي ويٺا آھن. اھو سوال سدائين رھندو، پر شايد گذريل چند ڏينھن ۾ ڪجھه ترقياتي ڪمن ۾ چر پر نظر آئي آھي. ڪٿي ڪٿي روڊن جو ڪم ھلندڙ ڏسي اسان به مٽياري جي گادي سنڀاليندڙن کي ھڪ ننڍڙو ٻه ڪلو ميٽر روڊ جو سوال ٿا ڪريون! ته خدارا اسان جي بکر جمالي جي ڪيترن ڳوٺن کي صرف ٻه ڪلو ميٽر روڊ جي سھولتن سان  نوازيو. اسان اجتماعي طور تي صرف ٻه ڪلو ميٽر روڊ گھرون ٿا. هالا جي مخدومن کان سعيدآباد کان اڳيان مھراڻ ھاءِ وي کان ڳوٺ لال بخش خاصخيلي تائين ٻه ڪلو ميٽر روڊ ڏنو وڃي، مھراڻ ھاءِ وي کان ڳوٺ رمضمان خاصخيلي تائين ۽ مھراڻ ھاءِ وي کان ڳوٺ مولابخش لاڙائي جمالي تائين ٻه ڪلو ميٽر ڏنو وڃي، مھراڻ هاءِ وي کان ڳوٺ شير خان لاڙائي جمالي تائين ٻه ڪلومٽير، مھراڻ ھاء وي کان نبي خاصخيلي تائين ٻه ڪلوميٽر، مھراڻ ھاء وي کان ڳوٺ خير محمد ڪاڪا ٻه ڪلو ميٽر، مھراڻ ھاء وي کان ڳوٺ  بکر جمالي ۽  شھر بکرجمالي  تائي ٻه ڪلو ميٽر، بکر جمالي کان ڳوٺ جاڙل شاھ تائين ٻه ڪلو ميٽر، بکر جمالي کان ڳوٺ شھداد جمالي تائين ٻه ڪلو ميٽر، بکر جمالي کان علي مراد جمالي ،علي خان جمالي ،ڌڱاڻو جمالي ڳوٺن تائين ٻه ڪلوميٽر، مھراڻ ھاء وي کان ڳوٺ پاھڙ خان جمالي تائين ٻه ڪلو ميٽر، مھراڻ ھاء وي کان  نبي بخش جمالي تائين ٻه ڪلو ميٽر ، بکر جمالي کان ڳوٺ خان محمد اڄڻ تائين ٻه ڪلو ميٽر، بکر جمالي کان مھرعلي زرداري تائين ٻه ڪلو ميٽر، بکرجمالي کان محمود چانڊيو ۽ جلال چانڊيو تائين ٻه ڪلو ميٽر مھراڻ ھاء وي کان ڳوٺ جان محمد جمالي تائين ٻه ٻه ڪلو ميٽر ،جان محمد جمالي کان ڳوٺ عيسي خاصخيلي تائين ٻه ڪلو ميٽر ،جان محمد جمالي کان ڳوٺ عالم خان خاصخيلي ۽ ڳوٺ غلام حسين خاصخيلي تائين ٻه ڪلو ميٽر، جان محمد جمالي کان  ڳوٺ فقير محمد خاصخيلي ،ڳوٺ غلام محمد خاصخيلي، ڳوٺ حاجي علي شير خاصخيلي ، ڪرم علي خاصخيلي ، خميسو خاصخيلي تائين ٻه ڪلو ميٽر، مھراڻ ھاء وي کان ڳوٺ باگو جمالي تائين ٻه ڪلوميٽر ، باگو جمالي کان ڳوٺ وريام خاصخيلي تائين صرف ئي صرف ٻه ڪلو ميٽر روڊ جو سوال آھي، ته جئين واسطيدار ڳوٺن جي اچ وڃ سٺي ٿي سگھي ۽ ھتان جو عوام سک جو ساھ کڻي سگھي.
گل حسن خاصخيلي /  بکرجمالي موري
سجاول جي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ بنيادي سهولتون ڏيو
ضلعي سجاول جي يوسي مرادپور جا 14 کان به وڌيڪ ڳوٺ بنيادي سهولتون  کان بلڪل  محروم آهن. ڳوٺ خليفو آگيڏنو شاهه، ڳوٺ حاجي عبدالحڪيم شاهه، ڳوٺ محمد صديق اوٺار، ڳوٺ اسحاق ملاح، ڳوٺ علي محمد مورائي، ڳوٺ حاجي عارف لاشاري، ڳوٺ خدا بخش چارڻ، ڳوٺ ملڪ محمد جمن چارڻ، صوبو خان چانڊيو، حاجي غلام محمد ميرانخور، حاجي ولي محمد سومرو، حاجي جاڙو سومرو، ڳوٺ مکڻ خان لاشاري، خير محمد ڪاپائي ۽ ٻيا ڪيترائي ڳوٺ بنيادي سهولتون کان مڪمل وانجهايل آهن. سمورن ڳوٺن ۾ نه صحت جو ڪو بهتر مرڪز آهي، نه ئي پيئڻ جو صاف پاڻي ميسر آهي. ڳوٺن جي پڪي رستي جي حالت انتهائي زبون ٿي چڪي آهي پر ڪير ٺهرائي ڏي؟ ياد رهي ته  هتي جي سم نالين جي کاٽي نه کڄڻ ڪري سمورا ڳوٺ برساتي پاڻي ۾ ٻڏل رهن ٿا. يوسي مرادپور جي 14 کان به وڌيڪ ڳوٺن کي اڃان تائين بجلي به ميسر ناهي، جڏهن ته ڳوٺاڻا اڃان تائين جفاڪشي واري زندگي گذاري رهيا آهن. تعليم جو نظام بهتر نه هئڻ ڪري سوين ٻارڙن جو مستقبل داءُ تي لڳل آهي. يوسي جي بجيٽ مان ڪو به ترقياتي ڪم نٿو ٿئي. يوسي مرادپور جي سموري بجيٽ هڙپ ڪئي ٿي وڃي. اسان وزير اعليٰ سنڌ ۽ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کان اهو مطالبو ٿا ڪريون ته يوسي مرادپور تعلقي ۽ ضلعي سجاول جي سمورن ڳوٺن کي جلد کان جلد بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.
سيد علي رضا شاهه ٻيلو/سجاول
راڻيپور جي احساس ڪفالت سينٽرن تي رش سبب ڪورونا وڌڻ جو خدشو
راڻيپور احساس ڪفالت سيٽرن تي مستحق عورتن جي پيسن مان جبري ڪٽوتي جاري آهي، لاڳاپيل ادارا ايجنٽ مافيا سان ٻٽ بڻيل آهن ۽ سينٽرن تي ايس او پيز نظر انداز ٿيڻ ڪري ڪرونا پکڙجڻ ھلجڻ جو خدشو وڌي ويو آهي. راڻيپور ۾ ڪرونا جا 4  نوان ڪيس ظاھر  ٿيڻ کانپوءِ هتي خوف ڇانئجي ويو آهي. احساس ڪفالت سينٽرن تي ايس او پيز نظر انداز ٿيڻ ڪري ڪرونا وائر ڦھلجڻ جو خدشو وڌي ويو آهي. ٽي ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ ٻڌايو پيو وڃي ته سرڪاري اسپتال کي 3 ڏينھن لاءِ او پي ڊي بند ڪئي وئي آحي۽ اسپتال کي  واش ڪيو ويندو. ان باوجود راڻيپور جي احساس ڪفالت سينٽرن تي ايس او پيز جا بخيا اڊيڙيا پيا وڃن، سينٽر تي  مستحق عورتن جي پيسن مان 500 سو کان 100 ھزار روپيا جبري ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي. جڏھن ته آءِ جي سنڌ پاران ھڪ ليٽر جاري ڪيو ويو ھو جنھن ۾ ڄاڻايو ھو ھو ته  احساس ڪفالت جي سيٽرن تي مستحق عوتن جي پيسن مان ڪٿي به ڪٽوتي  ٿي ته ان خلاف فوري ايڪشن ورتو ويندو. ان  اعلان کي ايجنٽن مافيا  ھوا ۾ اڏائي ڇڏيو آھي ۽ ايجنٽ سرعام ڪٽوتي ڪن پيا. اهو سڀ ان ڪري ٿئي پيو جو ايجنٽن کي انتظاميه جي سر پرستي حاصل آھي. اسان ڊي سي خيرپور آء جي سنڌ ۽ لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪريون ٿا نوٽيس وٺي مستحق عورتن جي پيسن مان ڪٽوتي ڪندڙ خلاف ڪاروائي وڃي ۽ ڪفالت سينٽرن تي ايس او پيز تي عمل ڪرايو وڃي ايس او پيز عمل ڪرايو وڃي.
وحيدعلي ڄامڙو/ راڻيپور
شاهپورجهانيان جي شهرين جو مٺي پاڻي وارو خواب ڪڏهن ساڀيان ٿيندو؟
سنڌ جي مهانگي ترين قومي شاهراهه، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي نالي سان منصوب ضلعي شهيد بينظير آباد جي قديمي، تاريخي ۽ سنڌ جي صوفي شاعر سيد مهدي شاھ جهانيان جي شهر شاهپورجهانيان جا رهواسي هن جديد دور ۾ به مٺو پاڻي پيئڻ جي سهولت کان محروم آهن، اڳوڻي وزير اعظم محمد خان جوڻيجي جي حڪومتي دور ۾ ڪروڙين رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيل واٽر سپلاءِ اسڪيم مڪمل طور تباھ ٿيل آهي، انتظامي بي ڌياني سبب واٽر سپلاءِ اسڪيم جا موٽر ۽ ٻيو سامان چوري ٿي ويو آهي، جڏهن ته مختلف وقتن تي اسڪيم جي مرمت ۽ بهتري لاءِ فنڊ پڻ هڙپ ٿيندا رهيا آهن، شهر جي جر جو پاڻي ٻاڙ ۽ کارو هجڻ باوجود شهري اهو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهن، جڏهن ته شهرين جي ڪافي دانهن ڪوڪن باوجود چونڊيل نمائندن توڙي انتظاميه تي ڪو به اثر نه پيو آهي، جنهن ڪري شهرين ۾ سخت بيچيني جي لهر ڇانيل آهي، سروي موجب لکين رپين جي لاڳت سان خريد ڪيل واٽر سپلاءِ اسڪيم لاءِ بجلي جا ٿنڀا، تارون ۽ ٽرانسفارمر ۽ ٻيو سامان واپڊا وارا لاهي کڻي ويا آهن، جنهن لاءِ ٻڌايو پيو وڃي ته واپڊا وارن ڳري رشوت وٺي اهي ٿنڀا، تارون ۽ ٽرانسفارمر ڪنهن بااثر ماڻهو حوالي ڪيا آهن، شهر جو پاڻي زهريلو ۽ کارو هجڻ ڪري شهرين ۾ انيڪ بيماريون ٿي رهيون آهن، جنهن ۾ ڪينسر، ڪاري سائي، السر، وڏي کنگھه، پيٽ جي بيمارين ۽ چمڙي جي موذي مرضن ۾ شهري وٺجي ويا آهن، ڪيترائي ماڻهو غربت سبب پنهنجو علاج نٿا ڪرائي سگهن، انتظاميه جي نااهلي سبب شهرين جون زندگيون داءُ تي لڳل آهن، ڪجھه وقت پهريان زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام مان هڪ ٽيم آئي هئي ۽ شهر جو پاڻي چڪاس ڪرڻ بعد جر جي پاڻيءَ ۾ زهريلو سينکيو موجود هجڻ جو انڪشاف ڪيو هو ۽ شهرين کي جر جو پاڻي پيئڻ کان سخت منع ڪئي هئي. سينيئر ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر حاڪم ڏاهري موجب هنن وٽ هر روز کوڙ سارا مريض اچن ٿا، جن کي پيٽ ۽ چمڙي جون بيماريون هونديون آهن ۽ اهي بيماريون جر جو پاڻي واپرائڻ سبب ٿينديون آهن، انهيءَ لاءِ شهري احتياط ڪن. هتان جي سياسي سماجي اڳواڻن عبدالوحيد ڏاهري، محمد ياسين آرائين، امام الدين لانگاهہ ۽ ٻين چيو ته شاهپورجهانيان ۾ ٽائون انتظاميا نالي ڪا به شيءِ ناهي، واٽر سپلاءِ اسڪيم کي هٿ سان تباهه ڪيو ويو آهي، شهرين ڏانهن ڪنهن جي دلچسپي ناهي، چونڊيل نمائندا ووٽ وٺڻ کان پوءِ گم آهن، ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته سنڌ حڪومت هن سنجيده مسئلي تي ڌيان ڏئي شهرين مان بيچيني ختم ڪرائي.
سيف ٻگهيو / شاهپورجهانيان
آرٿر شاخ جي ڪپرن تان قبضا ختم ڪرايا وڃن،،،،،!‎
درياهه ، ڊنڍون ،شاخون ۽ واهه انمول نعمتون آهن. سنڌ ڌرتي به اهڙن نعمتن سان مالا مال  آهي، جنهن ۾ سنڌو درياهه جهڙي  املهه نعمت به آهي جيڪو اسان سنڌين جو جياپو آهي، پر ڀٽائي جي چوڻي مطابق ته ” جيڪي لوهه ڪٽن لوهار، تن کي ڪهڙي خبر سون جي !“ سو اسان جي قوم به اهڙين نعمتن جو قدر نٿي ڪري، تڏهن ته سنڌو درياهه مان هر روز لکين ٽن واري ڪڍي بليڪ تي کپائي وڃي ٿي، جنهن ۾ سنڌ جا ئي سرمائيدار ۽ حڪومت جا اهي قبضي خور شامل آهن، جيڪي چند ٽڪن عيوض سنڌ ڌرتي جي فطري نظام سان هٿ چراند ڪري رهيا آهن ۽ انهي ئي حرڪت جي ڪري درياهه جي معمول کي، درياهي حيات کي ۽ سنڌ جي زمينن کي خطرو ٿي پيو آهي. هينئر سنڌ جي زمينن ۾ ڪلر وڃي ٿو وڌندو، ڇاڪاڻ ته درياهه جو لٽ واري کڻڻ سبب سنڌ جي زمينن ڏانهن نٿو پهچي، درياهه کي ته ڊسٽرب ڪرڻ وارا ڪجهه ڌاريا ۽ ڪجهه پنهنجا لالچي سرمائيدار آهن پر اچو ڏسون ٿا ته سنڌ جي شاخن ۽ واهن سان ڪهڙو حشر آهي ۽ اهو حشر ٻين نه پر پنهنجن ئي ماڻهن ڪيا آهن. مهذب معاشري ۾ ڊنڍن ، شاخن ۽ واهن تي ماڻهو ساهه صدقو ڪندا آهن ۽ انهن جي پرگهور پنهنجي جان کان وڌيڪ ڪندا آهن، انهن کي اهڙو ته صاف سٿرو رکندا آهن جو اهي سياحت لاءِ پرڪشش بڻجي پونديون آهي، پر اسان وٽ ته قصو ئي ابتو آهي. هتي اوهان جيڪڏهن ڪنهن کان به پڇندؤ ته قبضو ڪنهن تي آسان آهي، ته هو هڪدم چوندو ته شاخن جي ڪپرن تي، هتي شاخن ۽ واهن جي ڪپرن تي قبضا ڪري گهر ٺاهيا ويندا آهن ۽ وري گهر جو نيڪال ۽ سڄو گند ڪچرو کڻي اچي شاخ يا واهه ۾ ڦٽو ڪندا آهن، جنهن جو مثال ”آرٿر شاخ“آهي، هي شاخ رائيس ڪينال مان نڪرندي آهي ۽ لاڙڪاڻي ۽ قمبر ضلعي جي لکين ايڪڙن کي سيراب ڪندي آهي، ننڍپڻ ۾ هن شاخ جو موج وارو وهڪرو ۽ صاف پاڻي ياد ايندو آهي ته دل بي چين ٿي پوندي آهي. هيئنر هن شاخ تي قبضي وارا مختلف ڳوٺ آهن پر انهن ۾ نمايان ڳوٺ خدا بخش بروهي آهي، جنهن جي رهواسين هيڏي ساري شاخ کي سوڙهو ڪري هڪ ننڍڙو واهه بڻائي ڇڏيو آهي ۽ سندن گهرن جو گند ڪچرو شاخ ۾ اڇلائي شاخ کي گٽر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو اٿن، منهنجي ڪا ذاتي تنقيد ناهي جنهن کي به اختلاف آهي اهو پنهنجن اکين سان اهو ويڌن ڏسي سگهو ٿو، ان ڪري انتظاميا کي گھرجي ته هن شاخ تان قبضو ڇڏائي ان جي صفائي سٿرائي يقيني بڻائي وڃي.
غلام الله گاڏهي/ نصيرآباد
پوئتي پيل ملڪ جو نظام ۽ ترقي جو سوال
جڏھن به ھن ملڪ جي نظام تي نظر ڦيرايون ٿا ته دل رت جا ڳوڙها روئڻ لاءِ چاهيندي آهي، ڇوته 73 سال گذري وڃڻ باوجود به ڪنھن اڀاڳي جي نصيب جيئان ھي ملڪ ۽ ھتان جو نظام بھتر ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي. بدقسمتي سان ملڪ جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي ھن وقت تائين ھر دؤر کي نازڪ دور سڏيو ويندو رھيو آهي ۽ ھر نئين ايندڙ حڪومت اڳين حڪومتن کان وڌيڪ بدترين ۽ بيحس ثابت ٿيندي آهي.  اڄ به مهانگائي، بدامني ۽ بدانتظامي سميت سڀني ناڪامين جي ذميواري گذريل حڪومتن جي کاتي ۾ مڙھي ويندي آهي، ۽ اڄ به اقتدار ۾ موجود حڪومت ۽ سندس وزير، مشير ملڪي تاريخ جا سڀ کان ڏاھا ۽ ايماندار ماڻهو ليکيا ويندا آھن، (اھا الڳ ڳالهه آهي ته اقتدار ختم ٿيڻ شرط ئي ھر حڪومت جون اصل  ڪار گذاريون سامھون اچڻ شروع ٿينديون آهن) ھر دؤر جي حڪمرانن پاران سندن حڪومت ۾ معيشت جي بھتري ۽ ملڪي ترقي ۾ واڌ جون وڏيون وڏيون دعوائون ته ڪيون وينديون آهن، پر حقيقت ۾ 73 سال گذري وڃڻ باوجود به ملڪي حالتون ڪنھن راه ڀٽڪيل مسافر جيان ساڳي جاءِ تي ئي بيٺل نظر اچن ٿيون، هتي ملڪ ۽ قوم لاءِ حقيقي درد رکندڙن کي غداري ۽ ملڪ دشمني جي تمغن سان نوازيو ويندو رھيو آھي، حڪمرانن جي نا اھلي، بد انتظامي ۽ بي حسي سبب 1971 ۾ ملڪ ٻه اڌ ٿيڻ، امن و امان ۽ معيشت سوڌو ھر شعبي ۾ تباھي اچي وڃڻ باوجود به اسان جا اقتدار ڌڻي ۽ حقيقي با اختيار ڌريون تاريخ کان ڪجهه به سبق سکڻ لاءِ تيار نظر نٿا اچن، ھاڻي تازو ئي مثال وٺجي ته ڪيئن نه عمران خان جي اڳواڻي ۾ قائم پي ٽي آئي جي حڪومت عوام کي تبديلي جي نعري تي ڏٽو ڏئي اقتدار حاصل ڪرڻ ۾ ته ڪامياب ٿي وئي آهي، پر موجوده حڪومت کي به لڳ ڀڳ ٽي سال کان وڌيڪ عرصو گذري وڃڻ باوجود ملڪي نظام توڙي بنيادي مسئلن ۾ تر جيتري بھتري جا آثار به نظر ڪونه ٿا اچن، تبديلي يا قوم جي ڀلائي ته پري جي ڳالهه ويتر موجوده حڪومت جي ناقص پاليسين، مسلسل ناڪامين ۽ بد انتظامي سبب ڏينھون ڏينهن مهانگائي ۾ ٿيندڙ ڳاٽي ٽوڙ اضافي سبب عوام لاءِ جيئڻ جا گس پڻ ويتر سوڙھا بڻائي ڇڏيا آهن. ويچارو عوام آخر وڃي ته ڪيڏانهن وڃي ۽ ڪنھن در ڏيئي دانهڙي، آخر ۾  حڪمرانن کي صرف ايترو چوڻ چاهيندس ته:
یہ کرسی ہے تمہارا جنازہ تو نہیں ہے،
کچھ کر نہیں سکتے تو اتر کیوں نہیں جاتے۔
غلام مصطفيٰ جمالي/ ڳڙھي خيرو
اڳوڻي ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ جي بيان سان متل سياسي ڀونچال
اڳوڻي ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ جي موجوده وزيراعظم ۽ سندس ساٿين خلاف ڏنل تازي بيان ملڪ جي سياست ۾ هڪ وڏو ڀونچال آڻي ڇڏيو آھي. اڳ ۾ ائين ٿيندو هو ته ڪوبه آفيسر يان سياستدان ڪنهن جي خلاف تڏهن ڳالهائيندو هو، جڏهن ان جي مخالف جو حڪومتي دؤر ختم ٿي ويندو هو، پر بشير ميمڻ جو بيان اقتدار ۾ ويٺلن خلاف اچڻ اسان جي هن معاشري ۾ هڪ نئين ڳالھه آهي، جو موجوده وزيراعظم ۽ سندس ساٿين جي ڪرتوتن جو ذڪر ڪري هن هڪ بهادري جو مظاهرو ڪيو آھي. بشير ميمڻ جيڪي ڳالهيون ڪيون آھن ته وزيراعظم ۽ ساٿين مون کان غلط ڪم وٺڻ لاء وڏو دٻاء وڌو ۽ سندن ڪيل غلط حڪمن تي عمل نه ڪرڻ جي ڪري هنن مون کي جبري موڪل تي موڪلي ڇڏيو ۽ عمران خان مختلف سياسي اڳواڻن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪرڻ جو چيو هو، جيڪي مون نه مڃيا…! هاڻي ٿيڻ ائين گهرجي ته مخالف ڌر بشير ميمڻ جي ڏنل بيان جي آڌار تي سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ۽ ان بيان جي سچي هجڻ يان ڪوڙي هجڻ جي عدالتي جاچ ڪرائي جنهن مان خبر پئجي ويندي ته بشير ميمڻ جيڪو چيو آھي اهو سچ آھي يا هن ساڻس ٿيل حڪومتي ورتاءُ جو بدلو پيو ورتو آهي.
محمد خالد ميمڻ/ڦل شھر
ڪرونا جي ٻي لهر ۽ تعليمي ادارا
پاڪستان سميت دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ ڪرونا وائرس اڃان تائين ختم نه ٿيو آھي. سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جي شرح وڌنڌي پئي وڃي. اخبارن ۾ اڪثر پڙهون ٿا ته مڪمل لاڪ ڊائون ٿئي پيو يا سمارٽ لاڪ ڊائون وغيره. ڪرونا وائرس جي ڪري سنڌ حڪومت ٻيهر سنڌ جا تعليمي  ادارا بند پئي ڪري. پر سائين ڪرونا وائرس صرف تعيلمي ادارن تي ئي ڇو پکڙجي ٿو، جلسن جلوسن تي اهو وائرس انهي ڏينهن تي ئي ختم ٿيو وڃي. ڏکڻ آفريڪا جي انقلابي اڳواڻ نيلسن منڊيلا جو قول آھي ته؛ تعليم اهو طاقتور هٿيار آھي جنهن جي استعمال  سان توهان دنيا کي بدلائي سگهو ٿا. پر سنڌ ۾ تعليم جي حالت اها آھي جو اسڪولن ۾ ڳڏهه ٻڌل ٿا نظر اچن. هن وبا ۾ پوئين سال ۾ شاگردن کي اڳين ڪلاسن ۾ پرموٽ ڪيو ويو، جيڪي شاگرد سٺين مارڪن سان پاس ٿيل هئا انهن کي ته يونيورسٽي ۾ آساني سان داخلا ملي وئي باقي جنهن جي سپلي لڳي انهن وري پڙهائي اڃان شروع ئي مس ڪئي ته سنڌ حڪومت وري پئي تعليمي ادارا بند پئي ڪري. هاڻ انهن شاگردن جو مستقبل اڳيان ڪئين وڌندو؟ منهنجي سنڌ حڪومت کي نماڻي وينتي آھي ته مهرباني ڪري هروڀرو ڪرونا وائرس جو جواز ڄاڻائي تعليمي ادارن کي بند نه ڪيو، پر ايس او پيز تي عمل ڪندي تعليم جاري رکو ته جئين شاگردن ۽ انهن جي والدين مان بي چيني ختم ٿي سگهي.
پرتاب راءِ سيبرا / بودرفارم
چيلھار ۾ عبادت گاھون به گندگي ھيٺ‎…!
20 هزار آبادي رکندڙ شهر چيلهار ٽائون انتظاميه ۽ پبلڪ ھليٿ جي لاپرواهي ۽ بي ڌياني سبب گندگي جي ور چڙهيل ويو آهي، صفائي جي حوالي سان 8 سالن کان گندگي جي ور چڙھيل  شھر ۾ عبادت گاھون گندگي ھيٺ آھن، جنهن ڪري گائتري مندر 8 سالن کان گندي پاڻي ھيٺ آهي. مندر جي چئني پاسي گندو پاڻي تلائن جو ڏيک ڏيڻ لڳو آهي، گڏ ٿيل پاڻي کي جانور پي مرڻ لڳا آهن.  بدبوءِ سبب عبادت ڪرڻ به ڏکيو ٿي ويو آهي. ايماندار آفيسر کي ھتي برداشت نٿو ڪيو  وڃي. ٽائون آفيسر ٽڪي جو به ڪم نٿو ڪري، سياسي آشيرواد سبب اسان جي دانھن جو به ٽڪي جو اثر نٿو ٿئي۽ ٽائون چيئرمين به مدو پورو ڪري ويو آهي جيڪو پنھنجي نااھلي لڪائڻ لاءِ دانھون ڪندڙن کي سياسي اثر تحت خاموش ڪرائيندو ھو. هو ڪو به ڪم نه ڪرائي سگھيو  آهي. شهر سڄي جون سموريون گهٽيون گندگي جي ور چڙهيل آهن ۽ گندگي جي ڪري سڄي شهر ۾ مڇرن جو آزار پڻ وڌي ويو آهي، جنهن ڪري معصوم ٻارڙا توڙي وڏا ماڻهون مليريا بخار سميت ٻين بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آهن، ان  کانسواءِ شهر ۾ رولو ڪتن پڻ تر تپائي ڇڏيو آهي، شھر ۾ لڳل اسٽريٽ لائيٽون فقط اکين جو ڍءُ بڻيل آهن پر ٽائون آفيسر ۽ انهن سمورن مسئلن کان لاتعلق بڻيل آهن، ٽائون آفيسر  هڪ ڏينهن به هن شهرواسين سان گڏجاڻي نه ڪئي آهي، ايتري قدر جو شهرواسي هن کي ڏٺي به نه سڃاڻيندا،، اسين رهواسي سيشن جج مٺي کان مطالبو ڪيون ٿا ته ٽائون ڪميٽي جي پئسن جي آڊٽ ڪرائي چيلهار جا سمورا بنيادي مسئلا حل ڪرايا وڃن.
رجب رحمي بجير / چيلھار ٿرپارڪر
پنھنجي صلاحيتن کي پرکڻ
اھو سچ آھي ته اسان کي خبر نه ھوندي آھي ته اسين ڇا ڪري سگھون ٿا!. ان ڪري سدائين ٻڏتر جو شڪار رھون ٿا ته ڇا ڪجي ۽ ڇا نه ڪجي؟. اتفاق سان ڪنھن کي ڪجھه مرضي جو ڪم ملي ويو ته ٺيڪ نه ته جيڪو مليو ان ۾ سڄي عمر گذاري ڇڏيندا آھيون. پنھنجون صلاحيتون پرکڻ بدران ٻين کي ڏسي پنھنجي لاءِ شعبا چونڊ ڪندا آھيون يا وري وڏن جي چوڻ تي پيا حياتي گذاريندا آھيون. ھڪ وڏي مڇي کي شيشي جي ايڪئيريم ۾ رکيو ويو. سندس خوراڪ لاءِ ننڍڙين مڇين کي ڇڏيو ويو پر وچ ۾ شيشي جي ھڪ ديوار لڳائي وئي ۽ ننڍڙين مڇين کي ڌار ڪيو ويو. وڏي مڇي پنھنجي خوراڪ ڏسي ننڍڙين مڇين ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي پر ھر ڀيري سندس منهن وڃي شيشي جي ڀِت سان ٿي لڳو. آخرڪار ٿڪجي پئي ۽ پوءِ ننڍڙين مڇين ڏانهن وڌڻ ڇڏي ڏنائين. پوءِ ڪجھه دير بعد وچ واري ديوار ھٽائي وئي ۽ ننڍڙيون مڇيون ڏانھس وڌڻ لڳيون پر پوءِ به هن انھن کي شڪار ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي! ڇاڪاڻ ته وڏي مڇي فيصلو ڪري چڪي ھئي ته ننڍين مڇين تائين پھچي نٿو سگھجي. اھا ھن جي پاڻ تي لڳايل پابندي ھئي، جيڪا ھن جي اندر تجويز ڪئي ھئي. اھائي صورتحال انسانن سان به لاڳو آهي. جڏھن اسان جي اڳيان ڪا رڪاوٽ ايندي آهي ته اسان پاڻ تي پابندي لڳائيندا آھيون ته ھاڻي ھي ڪم اسان کان ڪونه ٿيندو. زندگي جي مقابلي ۾ جڏهن به ڪو شخص ناڪام ٿيندو آهي ته اھو پاڻ پنهنجن ڪمزورين جي ڪري ٿيندو آهي. پنھنجي اندر جي ڪمزورين کي پرکيندي ۽ انھن کي ختم ڪندي سٺي تياري سان ميدان عمل ۾ داخل ٿيڻ، اھوئي دنيا جي ڪاميابي جو واحد راز آهي. ناڪام اھو آھي جيڪو پنھنجي صلاحيتن کي صحيح استعمال ڪرڻ ۾ ناڪام رھي ۽ ڪامياب اھو آھي جيڪو پنھنجي صلاحيتن کي صحيح استعمال ڪرڻ ۾ ڪامياب ثابت ٿئي. ان ڪري اسان کي پنھنجي اندر جون صلاحيتون پرکڻ گھرجن ته جيئن اسان کي خبر پئجي ته الله تعالي اسان کي ڪهڙين نعمتن ۽ صلاحيتن سان نوازيو آھي.
فضل الرحمن ڪنڀر/عمرڪوٽ