سنڌ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 12 ڄڻا فوت، 1115 نوان ڪيس ظاهر

0
258
ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران

ڪراچي: ڪورونا وائرس سبب گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 12 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا جڏهن ته 1115 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب صوبي ۾ وائرس سبب فوتين جو انگ وڌي 4،645 ٿي چڪو آهي، 362 وڌيڪ مريض صحتياب ٿيڻ بعد صحت مند ماڻهن جو ڪل تعداد 264414 تي وڃي پهتو آهي. هن وقت 14،500 مريضن جو علاج جاري آهي، جن مان 568 مريضن جي حالت نازڪ آهي، جڏهن ته 43 مريض وينٽيليٽرز تي آهن.