نيٺ ڇا ٿيندو؟ پ پ پي ڊي ايم ۾ واپس ايندي، اپوزيشن جو متحد ٿيڻ حڪومت لاءِ خطرو هوندو: عوام

0
262

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته مولانا فضل الرحمان پي ڊي ايم کي ٻيهر گڏ ڪرڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو آهي، پ پ اتحاد ۾ واپسي ۽ گيلاني مامري تي نظرثاني لاءِ تيار ٿي وئي آهي، ڇا پيپلزپارٽي اپوزيشن اتحاد ۾ واپس ايندي؟ ڇا عيد بعد پي ڊي ايم متحرڪ ٿيندي ۽ حڪومت خلاف تحريڪ هلندي؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته پيپلزپارٽي اپوزيشن اتحاد ۾ واپس ايندي جيڪڏهن ٻيهر اپوزيشن وارا گڏ ٿي ويا ته حڪومت کي خطرو ٿيندو. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي سارنگ منير سومرو لکيو ته پي ڊي ايم وارا راند ڪندا رھندا پيپلز پارٽي پاڻ کي ڪيش ڪندي رھندي ۽ حڪومت ھلندي رھندي، خادم گهراڻو لکيو ته اپوزيشن وارا وري متحد ٿيندا ڪرسي کپي پي پي واپس ايندي، وري گڏ ٿي ويا ته حڪومت کي خطرو ٿيندو، پرويز خاصخيلي لکيو ته مولانا به عجيب آهي، هيل تائين حڪومت کي گهر موڪلي نه سگهيو آهي، عصمت الله رند لکيو ته پ پ کانسواءِ به اها تحريڪ مضبوط آهي، پ پ جي اچڻ يا نه اچڻ سان ڪو به فرق نه پوندو، نماڻو نوناري لکيو ته پي ڊي ايم جي هوا نڪري چڪي آهي، پ پ تي ڪنهن جو ڀروسو ناهي، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته پهريان ڇا ڪري سگهيا جو هاڻي ڪندا، خادم چنا لکيو ته پ پ ايندي، ابراهيم خليل لکيو ته مولانا فضل الرحمان کي شابس آهي جو اپوزيشن کي متحد ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آهي، عبدالهادي لکيو ته پ پ اها ناهي رهي جنهن ۾ ڪنهن جون اميدون هجن هاڻي پ پ پ پڻ سليڪٽڊ ٿيڻ چاهي ٿي،باقي پي ڊي ايم جا نالي ماتر جلسا جلوس ٿيندا حڪومت تي ڪو خاطر خواهه اثر نه پوندو، جنيد زرين لکيو ته شابس آھي پي ٽي آئي کي جنهن ان اتحاد ۾ شامل پ پ سميت سڀني کي نڪ ۾ ناڪيلي ڏئي ويٺي آهي، باقي پ پ فائدو ڏسندي ضرور اتحاد ۾ شامل ٿيندي، اظهر شر لکيو ته في الحال پ پ مقابلي لاءِ تيار ناهي، پي ڊي ايم سينيٽ اليڪشن کان اڳ ئي ٽٽي وئي هئي، اسٽيبلشمينٽ پي ٽي آئي وارن کان ناراض آهي، عادل الاهي بخش لکيو ته ٻنهي پارٽين کي هڪ ٻئي تي اعتماد نه رهيو آھي ۽ تحفظات موجود آھن ۽ گڏ نه ٿا هلي سگهن تحريڪ شروع ٿي سگهي ٿي، عبدالجبار بلوچ لکيو ته پي ڊي ايم جو هاڻ قائم رهڻ مشڪل ٿو لڳي، پ پ جي ڪري تحريڪ ڪمزور ٿي، فضل الرحمان نواز ليگ سان گڏ جي تحريڪ جاري رکندو، فرمان چانڊيو لکيو ته سائين فضل الرحمان سمجهي ٿو ته پ پ کانسواءِ ڪجھه به نٿا ڪري سگهن پر سڀ گڏجي به وڃن حڪومت کي ڪجھه به نٿا ڪري سگهن، عشرت بروهي لکيو ته بس انهن کي اها اسڪيم مليل آھي ته توهان احتجاج ڪريو، جانب ڪٽوهر لکيو ته پي ڊي ايم ۾ صرف هر ڪنهن کي پنهنجا مفاد پيارا آھن باقي رهي ڳالهه ته پ پ سنڌ حڪومت بچائڻ جي چڪر ۾ هئي، نادر چانڊيو لکيو ته مون کي نٿو لڳي پ پ ڪا واپس پي ڊي ايم ۾ ويندي، شاهجهان نوتڪاڻي لکيو ته ڪجهه نه ٿيندو، فيصل وزير مري لکيو ته حڪومت کي ڪجھه ڪونه ٿيندو ڇو ته پ پ وري به پي ڊي ايم کي دوکو ڏئي سگهي ٿي، عبدالغني شر لکيو ته پ پ پي ڊي ايم ۾ واپس اچڻ سان به حڪومت تي فرق نه پوندو، آصف راڄپر لکيو ته پي پي جي غير موجودگي ۾ به تحريڪ مضبوط آهي، ذڪاءُالله حسن لکيو ته پ پ استعيفائن ۾ شامل هجي ها ته هن وقت تائين حڪومت هلي وڃي ها، نياز ڪلوئي لکيو ته پ پ مشڪل واپس اچي، رياض بلوچ لکيو ته اپوزيشن پارٽيون جڏھن متحرڪ ٿينديون ته حڪومت تي وڏو اثر پوندو، بشير ميراڻي لکيو ته پي ڊي ايم واري اقتداري جنگ مان ڪجهه به نه ٿيندو، عبدالعليم کوکر لکيو ته پ پ واپس به آئي ته هنن جو هڪٻئي تي اعتبار ناهي رهيو، يونس لغاري لکيو ته پ پ پنهنجا مفاد ڏسندي، معشوق چنا پڻ سروي ۾ حصو ورتو، ساگر امير حيدر لکيو ته ڪرسي کپي ٿي.اسد خاصخيلي لکيو ته هڪ پاسي سڄي پي ڊي ايم ۽ ٻئي پاسي پ پ آهي، نعمت الله ساند لکيو ته پ پ گڏ ٿيندي، نياز سومرو لکيو ته پ پ واپس نه ايندي، سڪندر بلوچ لکيو ته اپوزيشن مڪمل طور ڪمزور ٿي چڪي آھي، طارق حسين راڄپر لکيو ته پي ڊي ايم پنهنجي موقف تي قائم آھي، نعمان غوري لکيو ته پ پ واپس نه ايندي، زاهد منگي لکيو ته پ پ پي ٽي آءِ جي بي ٽيم آهي، محمد مراد چانڊيو پڻ سروي ۾ حصو ورتو.