پنجاب حڪومت: 9 مئي واقعن بعد گرفتار ماڻهن جا تفصيل سپريم ڪورٽ ۾ پيش

0
147
پنجاب حڪومت: 9 مئي واقعن بعد گرفتار ماڻهن جا تفصيل سپريم ڪورٽ ۾ پيش
پنجاب حڪومت: 9 مئي واقعن بعد گرفتار ماڻهن جا تفصيل سپريم ڪورٽ ۾ پيش

پنجاب حڪومت 9 مئي جي واقعن بعد گرفتار ڪيل ماڻهن جا تفصيل سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيا

پنجاب حڪومت جي رپورٽ ۾ فوج جي حراست ۾ موجود ٻارن، صحافين ۽ وڪيلن جي ڊيٽا جي ڊيٽا شامل نه آهي

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 9 مئي جي واقعن ۾ 81 عورتن کي حراست ۾ ورتو ويو، 42 ضمانت تي آزاد ۽ 39 جڊيشل ريمانڊ تي جيلن ۾ آهن

پنجاب حڪومت موجب ايم پي او تحت 2 هزار 258 ماڻهن جي گرفتاري جا آرڊر جاري ڪيا ويا، 3 هزار 50 ماڻهن واقعن ۾ ملوث ثابت ٿيا، هن وقت ايم پي او تحت 21 ڄڻا جيلن ۾ قيد آهن

پنجاب حڪومت پنهنجي جواب ۾ ڄاڻايو آهي ته اي ٽي سي تحت 51ڪيس داخل ڪرايا ويا، دهشتگردي ٽوڙ قانون تحتهڪ هزار 888 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، 108جوابدار جسماني ريمانڊ ۽ 1247جڊيشل ريمانڊ تي آهن، دهشتگردي ٽوڙ قانون تحت 33ڄڻن جي سڃاڻپ پريڊ ٿي آهي، 500 ڄڻن کي بيگناهه قرار ڏئي آزاد ڪيو ويو

هي به پڙهندا

فوج چارج ڪري سگهي ٿي پر ٽرائل ته سول عدالت ۾ ٿيندو: سپريم ڪورٽ