پنجاب جو اڳوڻو وڏو وزير ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي ٽيون ڀيرو گرفتار

0
331
جڊيشل ڪامپليڪس ڀڃ ڊاهه ڪيس، پرويز الاهي کي آزاد ڪرڻ جو حڪم
جڊيشل ڪامپليڪس ڀڃ ڊاهه ڪيس، پرويز الاهي کي آزاد ڪرڻ جو حڪم

گوجرانوالا: پاڪستان تحريڪ انصاف جي صدر چوڌري پرويز الاهي کي هڪ ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي

اينٽي ڪرپشن عملدارن جو چوڻ آهي ته پرويز الاهي کي پنجاب اسيمبلي ۾ جعلي ڀرتين ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي

واضح رهي ته ڪجهه وقت اڳ گوجرانوالا جي عدالت پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي صدر پرويز الاهي جي ڪيس ۾ محفوظ فيصلو ڏنو هو۽ گوجرانوالا جي ڊيوٽي جوڊيشل مئجسٽريٽ محمد افضل ٻنهي ڪيسن مان پرويز الاهي کي بري ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو

گذريل ڏينهن لاهور جي اينٽي ڪرپشن عدالت به پرويز الاهي کي ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو هو، جنهن تي کيس گوجرانوالا ۾ داخل ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو هو

گوجرانوالا پوليس ٿاڻي اينٽي ڪرپشن ۾ پرويز الاهي خلاف ٻه ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. هن تي ٻنهي ڪيسن ۾ گجرات ۾ روڊن جي تعمير جي ٺيڪن دوران ڪڪ بيڪ ڪرڻ جو الزام آهي

هن کي به پڙهندا

پرويز الاهي جي ضمانت منظور: ڪجهه منٽن بعد ئي ٻيهر گرفتار

پاڪستان تحريڪ انصاف جو صدر چوڌري پرويز الاهي گرفتار