پريالوءِ (ن پ ا)  پريالوءِ  ٽائون ڪاميٽي ۽ پبلڪ ھيلٿ  انتظاميا جي لاپرواهي سبب   شهر جي الفاروق منگي محلا، مخدوم روڊ، امام بارگاهه محلا  سميت مختلف علائقن ۾ گندگي جا ڍير لڳي ويا آهن،   گٽر ناليون اٿلي پيون آهن، جنهن سبب گندو پاڻي روڊن تي بيٺل آهي،  ان حوالي سان شھرين عزيز احمد بلوچ، غلام فريد ميمڻ، احسان احمد ڀنڊ ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته ٽائون ڪاميٽي  جي ھر مھيني جي بجيٽ 35 لکن کان وڌيڪ آهي پر ان جي باوجود شھر تي ٽڪي جو ڪم به نه ٿو ڪيو وڃي، شھر گندگي  جي ور چڙهيل آهي، نوٽيس وٺي صفائي ڪرائي وڃي.