ٺٽو ( رپورٽر ) ٺٽي ويجھو وياج جي وڌندڙ آزار خلاف ڇتو چنڊ واسين روڊ تي اچي احتجاجي مظاهرو ڪري فوري طور تي وياج جي ڪاروبار تي پابندي لاڳو ڪري وياجين خلاف سخت ڪارروائي جي گھر ڪئي آهي. ان ڏس ۾ ڇتوچنڊ شھر ۾ ٺٽو حيدرآباد قومي شاھراھ تي عوام کي وياج واري آزار مان نجات ڏيارڻ لاءِ ڊاڪٽر شفقت علي بروھي، زاھد بروھي، غلام مصطفي بروھي ۽ صدام بروھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ھٿن ۾ بينر کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري ريلي ڪڍي وئي . اڳواڻن چيو تہ مسلمانن تي وياج حرام آھي، ۽ ان جو آخرت ۾ وڏو پڇاڻو آھي جنهنڪري عوام کي گھرجي ته وياج وٺڻ کان پاسو ڪري وياج مان جان ڇڏرائين، جن ماڻھن کي قرضي ڪري سندن زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آھي. ھنن چيو ته هنن به وياج خلاف جدوجھـد جو آغاز ڪري ڇڏيو آھي جنهن ۾ سندن ساٿ ڏنو وڃي ته جيئن عوام کي وياج جي لعنت مان ڇوٽڪارو ڏياري سگھجي جڏهن ته هنن اهو به چيو آهي ته وياڄ خلاف پڻ ضلعي اندر اگھاهي مهم هلائي ويندي.