ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ جي سيزن 6 رهيل ميچز ۾ اسلام آباد جي نمائندگي لاءِ تيار ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽر جانيمن ملان جو چوڻ آهي ته مان اردو ۾ جانِ من جو مطلب سمجهان ٿو ۽ پاڪستانين جو جانِ من ٿيڻ جو منظر آهيان. سوشل ميڊيا سائٽ تي جاري پيغام ۾ جانيمن ملان چيو ته اسلام آباد يونائيٽيڊ ۾ شامل ٿيڻ تي پرجوش آهيان. ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽر چيو ته مونکي هاڻ خبر پئي اهي ته جانيمن اردو ۾ ڪنهن کي چوندا آهن، ڪوشش ڪندس ته پنهنجي پرفارمنس سان پاڪستانين جو جانيمن ٿيان.