هراري(اسپورٽس نيوز) ٽي ٽوئنٽي سيريز مڪمل ٿيڻ کانپوءِ اڄ ٽيسٽ سيريز شروع ٿيندي، شاهين بيٽنگ، بالنگ ۽ فيلڊنگ شعبن ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ پرعزم آهن. پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ اڄ زمبابوي جي شهر هراري ۾ شروع ٿيندي، ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن ڪالهه ڀرپور پريڪٽس سيشن به اٽينڊ ڪيو، جڏهن ته ڪورونا ايس او پيز تي به سختي سان عمل ڪيو ويو. پاڪستان ۽ زمبابوي جي ٽيمن وچ ۾ 2 ٽيسٽ ميچز جي سريز کيڏي ويندي .