پاڪستاني پريزينٽر زينب عباس ڀارت ڇڏي وئي، آءِ سي سي جي تصديق

0
329
پاڪستاني پريزينٽر زينب عباس ڀارت ڇڏي وئي، آءِ سي سي جي تصديق
پاڪستاني پريزينٽر زينب عباس ڀارت ڇڏي وئي، آءِ سي سي جي تصديق

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني پريزينٽر زينب عباس حفاظتي قدمن جي ڪري ڀارت ڇڏي وئي، آءِ سي سي زينب عباس جي ڀارت ڇڏڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي

آءِ سي سي ترجمان موجب زينب عباس ڀارت کان ذاتي سببن جي ڪري وئي آهي، ان کي ڊي پورٽ ڪرڻ جي ڳالهه درست ناهي

ان کان اڳ پريزينٽر جي ويجهي ذريعن ٻڌايو هو ته زينب ڀارت کان دبئي پهچي وئي آهي، ويجهن ذريعن موجب زينب تي ڀارت ۾ تمام گهڻو دٻاءُ وڌي رهيو هو، جنهن جي ڪري هن حفاظتي قدمن جي ڪري ڀارت ڇڏي ڏنو، زينب براڊ ڪاسٽرز ۽ فيملي جي مشوري تي اهو قدم کنيو آهي

ڪجهه ميڊيا رپورٽس ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته زينب کي ڀارت کان ڊي پورٽ ڪيو ويو آهي

واضح رهي ته ورلڊ ڪپ پريزينٽرز پينل ۾ شامل زينب عباس خلاف ڀارت ۾ بي بنياد پروپئنڊا مهم هلائي وئي هئي