ٽوڪيو (اسپورٽس نيوز) رنگا رنگ تقريب سان ٽوڪيو اولمپڪس جو باضابطا آغاز ٿي ويو آهي، افتتاحي تقريب ۾ رنگ ۽ نور جي برسات سان جديد ٽيڪنالوجي جو به مظاهرو ڪيو ويو.پاڪستان سميت 206 ملڪن جي رانديگرن مارچ پاسٽ ۾ حصو ورتو، جاپان دنيا جي سڀ کان وڏي اسپورٽ ايونٽ جي آغاز جو اعالن ڪيو، ٽينس اسٽار نائومي اوساڪه اولمپڪ جي مشعل روشن ڪئي.ايونٽ جي افتتاحي تقريب ۾ ڪورونا پروٽوڪولز جي پابندي سان گڏ انتظامي عملدار جاپان جو جهنڊو کڻي اسٽيڊيم ۾ داخل ٿيا.جاپان جو شهنشاهه نار اهيٽو به ايونٽ ۾ پهتو، جڏهن ته اولمپڪس جي عالمي تنظيم او آءِ سي جي صدر ٿامن بيخ به شريڪ ٿيو.افتتاحي تقريب دوران ڪورونا جو شڪار ٿيل ماڻهن لاءِ هڪ منٽ لاءِ خاموشي اختيار ڪئي وئي، فنڪارن تقريب ۾ جاپان جي ماڊرن ڊانس جو خوبصورت مظاهرو ڪيو، اولمپڪس جي تاريخ فنڪارن انوکي انداز ۾ پيش ڪئي. اسٽيڊيم ۾ سمورن ملڪن جي جٿن جي آمد دوران پاڪستاني جٿو به پنهنجي رنگ ۾ نظر آيو.ايونٽ ۾ مجموعي طور تي 11326 ايٿليٽ شرڪت ڪري رهيا آهن، جڏهن ته سڀ کان وڏو جٿو امريڪا جو آهي، جنهن ۾ 613 ايٿليٽس شامل آهن. 13 ملڪ اهڙا آهن، جن کي رڳو 2-2 ايٿليٽس کي ٽوڪيو اولمپڪس ۾ شريڪ ٿيڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.