ٽوئٽر ٽاپ ٽرينڊ جعلي ڊوميسائل رد ڪرڻ ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو

0
388
ٽوئٽر ٽاپ ٽرينڊ جعلي ڊوميسائل رد ڪرڻ ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو

 سنڌ ۾ جعلي ڊوميسائلن خلاف سوشل ميڊيا تي ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو، سنڌ رجيڪٽس بوگس ڊوميسائلس هيش ٽيگ ٽرينڊ هلايو ويو، جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته جعلي ڊوميسائل ٺاهي ڏيڻ ۽ ٺهرائڻ جي جاچ ڪري ملوث ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، جعلي ڊوميسائل رد ڪيا وڃن، ان سلسلي ۾ حڪيم زنگيجو لکيو ته جعلي ڊوميسائيل ۽ پي آر سي فوري طور رد ڪيا وڃن، مرتضيٰ زنگيجو لکيو ته سنڌ جا ماڻهو بيروزگاري سبب خودڪشيون ڪري رهيا آهن ڇاڪاڻ ته ٻين صوبن جا ماڻهو جعلي ڊوميسائلن ذريعي انهن جي حقن تي ڌاڙا هڻن ٿا، منور لکيو ته هڪ اندازي مطابق تعلقي گولاڙچي (ضلعو بدين) ۾ 20 کان 30 سيڪڙو ڊوميسائل پنجاب سان تعلق رکندڙ ماڻهن جا آهن، ان جو ڪير نوٽيس وٺندو؟ جنت لکيو ته سيڪريٽري تعليم جو سڀني DEOs ۽ ڊائريڪٽرز کي جاچ ڪرڻ جو حڪم. فارم D جي ڪري ويٽنگ ۾ رهندڙ اميدوارن جي ويريفڪيشن شروع ٿي چڪي آهي. پروفيشنل ڊگريون آخري تعليمي ڊگري CNIC ۽ ڊوميسائيل سڀ ويريفائي ڪيا ويندا. سيڪريٽري تعليم اڪبر لغاري اهڙو بيان ڏنو آهي.

هالار آريجو لکيو ته ملڪ ۾ سنڌ صوبو 74 سيڪڙو گيس ۽ 56 سيڪڙو تيل پيداوار ڏئي ٿو، پر گيس ۽ تيل پيداوار ڏيندڙ ضلعن جا ماڻهن کي گيس ۽ تيل فيلڊن ۾ نوڪريون نٿيون ڏنيون وڃن،  ڪرم الله لکيو ته نه رڳو ڊوميسائل رد ڪيا وڃن پر اهڙي عمل ۾ ملوث آفيسرن خلاف ڪارروائي به ڪئي وڃي، سنڌو لکيو ته سنڌ سرڪار جعلي ڊوميسائلن خلاف سخت ايڪشن کڻي، عزيزالله انور لکيو ته سنڌ جعلي حڪومت کي رد ڪري ٿي جيڪا جعلي ڊوميسائلن جاري ڪرڻ جي ذميوار آهي، سراج احمد لکيو ته جعلي ڊوميسائيلن کي رد ڪريون ٿا، قاضي راجا خان جوڻيجو لکيو ته سنڌ سرڪار جعلي ڊوميسائلن ۾ ملوث  ماڻهن خلاف سخت قدم کني، سنڌ ۾ ايندڙ ٻين صوبن جي ماڻهن کي ڊوميسائل ڏيڻ تي پابندي لڳائي وڃي، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جا ماڻهو سنڌ جي ڊوميسائل تي سنڌ ۾ نوڪرين لاءِ اپلاءِ ڪن ٿا جيڪا سنڌي نوجوانن سان نا انصافي آهي. سنڌ جي ماڻهن ڪيترائي ڀيرا سنڌ سرڪار کي اپيل ڪئي آهي پر اڃا تائين سنڌ سرڪار جعلي ڊوميسائل واري مامري تي اثرائتي ڪارروائي ڪرڻ ۽ جعلي ڊوميسائل روڪڻ ۾ ناڪام رهي آهي، نبيل تنيو لکيو ته اسان ٻه سال اڳ هي ٽرينڊ شروع ڪيو هو اڃا تائين جعلي ڊوميسائلن جي مسئلي کي منهن ڏئي رهيا آهيون، آزاد علي لکيو ته گهوٽڪي ۾ نادرا پاران افغاني پناهگيرن کي ڪارڊ جاري ڪرڻ جو به مسئلو سامهون آيو آهي ڇا اهو سنڌ ۽ سنڌين سان ظلم ناهي، اهي به هاڻ سنڌ ۾ نوڪريون حاصل ڪندا،

عبدالوحيد لکيو ته جعلي ڊوميسائل ٺاهي ڏيڻ ۽ ٺهرائي ڏيڻ ۾ جيڪي سهولتڪاري ڪري رهيا آهن اهي سنڌ جا غدار آهن، زبير سولنگي لکيو ته جيڪي به آفيسر جعلي ڊوميسائل ٺاهي ڏيڻ ۾ ملوث آهن انهن کي جلد نوڪرين تان فارغ ڪيو وڃي، مولابخش لکيو ته 31 مئي 2020ع تي به سنڌ رجيڪٽس بوگس ڊوميسائل جو ٽرينڊ هلايو هو، اقصيٰ ڪينجهر جمالي لکيو ته جعلي ڊوميسائل فوري طور رد ڪيا وڃن، دودو چانڊيو لکيو ته هر سال ڪوڙن ڊوميسائلن ذريعي سنڌ جي نوجوانن جي حقن جو قتل عام ڪيو وڃي ٿو ٻه سال اڳ سنڌ جي نوجوانن جي مڙسي ۽ ٽيوٽر ٽريڊ ڏسي ٻه ڪاميٽيون قائم ڪيون جيڪي فائلن ۾ دفن آهن ڪو ڪم نه ڪيو، علي سنڌي لکيو ته جعلي ڊوميسائل ٺاهي ڏيڻ سنڌين جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ جو حملو آهي  سنڌ حڪومت کي شرم اچڻ گهرجي،

فرزين علي لکيو ته سنڌ جي نوڪرين تي سنڌين جو حق آهي، معراج حبيب لکيو ته 2020 ۾ ڪوڙن ڊوميسائلن تي احتجاج ٿيا قاضي شاھد جي سربراھي ۾ ڪاميٽي جڙي  تصديق ٿي ته سنڌ ۾ ڪوڙا ڊوميسائل ٺھيا آھن ھاڻي ھڪ ڀيرو ٻيھر استادن جي ڀرتي لاءِ ورتل ٽيسٽ ۾ ڪوڙا ڊوميسائل سامھون آيا آھن پھريان ئي ملوث ماڻهن کي سزا ڏني وڃي ھا ھي ڌنڌو رڪجي وڃي ھا. خالد حسين لکيو ته سنڌ حڪومت جي نااهلي چئجي، نالائقي يا هوڏ جو لکين سنڌي ماڻهو پنهنجي حقن تي ڌاڙن خلاف روزانو احتجاج ڪن ٿا پر مجال آهي جو حڪومت جي ڪن تي جونءَ چري، ڏهاڪن کان سنڌ ۾ ٻاهرين ماڻهن جا ڪوڙاڊوميسائيل ٺاهي/ٺهرائي ڏنا وڃن ٿا جيڪي سنڌ جي ماڻهن جي حقن تي ڌاڙا آهن، گولاڙچي تعلقي ۾ تعلقي جي CNIC ڪوڊ کانسوا پنجاب جا سڃاڻپ ڪارڊ رکڻ وارا به پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي اميدوار پاس قرار، ياد رھي ته تعلقي جو ڪوڊ 41102 فلٽر ڪري ڦڪي رنگ ۾ ڏيکاريل آھي باقي سڀ تعلقي کان ٻاھر جا آھن. ان ڪري ھن سڀني جي ويريفڪيشن جو مطالبو ڪيون ٿا. ٽرينڊ ۾ ضمير حسين ڀٽو، توفيق سنڌي، فياض حسين، علي رونجهو، سميع ڀٽي، سميع جويو، ارشد گهمرو، علي گوهر چاچڙ، عائشه خان، علي محمد اوٺو، اعجاز بجير، منظور ٻانڀڻ، سالار خان راهوجو، امجد مير مهدي، ديوراج، ڪاشف خان، بلاول زنگيجو، افراز ميمڻ، محمد خان بجاراڻي، علي عامر، فياض حسين، سمعيه ڪلثوم، عاجز، رجب ڀٽي، حضور بخش، ابراهيم سميجو، حفيظ انڙ،افروز ڪٽپر، ايمن عائمه، جبار پيرزادو، سميرا سنڌي، مرتضيٰ بڙدي، عرفان عالماڻي، پرمانند راءِ، مير صابر ڪولاچي، رشيد ڀنگوار، سرفراز سهتو ۽ ٻين به حصو ورتو.