چوهڙ جمالي/ ٽنڊوباگو(نمائندا) ٽنڊي باگي ۾ ٻوڏ متاثر آبادگارن جي پيسن مان مبينا ڪٽوتي خلاف احتجاج ڪيو ويو. ان ڏس ۾ سانوڻي مند جي تباھڪن برساتن ،ايل بي او ڊي ۽ پراڻ ڍوري کي لڳل گھارن ۾ تعلقي ٽنڊي باگي جي 16 يونين ڪائونسلن ۾ ھزارين ايڪڙن تي پوکيل فصل ٻڏي ويو جنهن لاء سنڌ حڪومت پاران ٻوڏ متاثر  آبادگارن کي بينظير انڪم سپورٽ ذريعي ڪڻڪ جي ٻج جا پئسا ڏيڻ لاء ٽنڊوباگو ۾ بلاول پارڪ ۾ قائم ٿيل سينٽر ۾ آبادگارن کي ملندڙ پيئسن مان ڊوائيز ھولڊرن طرفان  في آبادگار کان 2000 کان 3000 ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي، جنهن ۾ روينيو، زراعت ۽ پوليس جو سينٽر تي مقرر ٿيل عملو پڻ شامل آهي. جيڪي ھر روز شام جو ڊوائيز وارن کان حصو وٺن ٿا. زراعت کاتي ٽنڊوباگو جي انچارج پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته ھن قسط دوران تعلقي ٽنڊي باگي جي 3600 ننڍن آبادگارن جا نالا مٿان کان منظور ٿي آيا آهن، جن کي في ايڪڙ پنج ھزار جي حساب سان امدادي رقم ڏني پئي وڃي. جڏهن ته تعلقي ٽنڊي باگي جي سوين آبادگارن سڪندر پنھور، علي نواز ٿيٻو، پوڙھو گوپانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ دانھيندي چيو ته تعلقي جي سوين ٻوڏ متاثر آبادگارن جا نالا امدادي رقم جي لسٽن ۾ شامل نه آهن. ھنن چيو ته ٽنڊي باگي جي مختيار ڪار ۽ ان جي آفيس جي عملي صرف رشوت وٺي ۽ سياسي دٻاء تحت من پسند آبادگارن جا نالا لکيا آهن. ھنن چيو ته جيڪڏهن اسانکي ٻوڏ ۾ تباهه ٿيل فصلن جو معاوضو نه ڏنو ويو ته مختيارڪار آفيس اڳيان ڌرڻو ھنيو ويندو. ٻئي پاسي شاهبندر تعلقي جي آبادگارن علي محمد اوٺو محمد يوسف اوٺو، پير پنيل شاھ، خير محمد سولنگي، سومرو اوٺو، غلام قادر ڪيهر، نواز علي شاھ ۽ ٻين جي  اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.