ميرپورٻرڙو (ن پ ا) ميرپورٻرڙو لڳ ڳوٺ زُبير جعفريءَ جي رھواسي جهنگل جعفري جي گهر مان چور موٽرسائيڪل ڪاهي ويا.پيرا صحافي نظام الدين لنجواڻي جي گهر ٻاهران لڳا، اهڙو اطلاع پوليس ڏنو ويو.پوليس صحافي جي ٻن  سئوٽن سڪندر لنجواڻي ۽ شهزادو لنجواڻي کي گرفتار ڪري ورتو.ايس ايچ او رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڳوٺاڻي جي فرياد تي ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪيو آهي.صحافي نظام لنجواڻي، غلام قادر لنجواڻي، دلدار لنجواڻي احتجاج ڪندي چيو ته پوليس پئسا وٺي چڙهائي ڪئي آهي، شريف ماڻهو آهيون، چوري ڏهين سال ثابت ٿي ته خون جو حساب ڏينداسون.