ٽنڊوباگو (رپورٽ: انور عباسي)  ٽنڊوباگو سميت لاڙ سنڌ جي ضلعن بدين، ٽنڊو محمد خان، سجاول ۽ ٺٽه جي ڪمانڊ ايريا جي زرعي زمين 28 لک ايڪڙ چئي وڃي ٿي. جتي  آڳاٽي پوکي ويندڙ سارين جو فصل پچي تيار ٿيڻ بعد مارڪيٽ ۾ اچي ويو آهي ۽ ساريالي فصل ۾ لابارا ۽ ڳاھ به ھلي رھيا آھن. ھن سيزن دوران لاڙ ۾ 15 لک ايڪڙ ايراضي تي اندازن ساريالي فصل جي مختلف ھائبرڊ جنسن جن ۾ سنڌڙي، انمول، گارڊ، پوکراج، تحفظ 121، ڊائمنڊ، بختاور، سميت 50 کان وڌيڪ قسمن ۽ اصلي ساريال جي جنسن ۾ ايري 6، ايري 8، ايري 172 ۽ ڪي ايس 182 ۽ ٻيون جنسون پوکيون ويون آهن.  ساريال جي في مڻ جو سرڪاري اگھ مقرر نه ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ پنهنجي اخبار طرفان ڪيل معلومات موجب رابطو ڪرڻ تي آبادگار محمد يوسف سھتو، لاڙ آبادگار فورم جي اڳواڻ نصر الله جروار چيو ته مھنگائي عروج تي پھچي وئي آهي، ساريال جو سرڪاري اگھ گھٽ ۾ گھٽ 3000 روپيا في مڻ مقرر ڪرڻ گھرجي. ھنن چيو ته رائيس ملر پنھنجي مرضي ۽ ھڪ ھٺي سبب في مڻ تي آلاڻ يا موسچر جي نالي تي ڪٽوتي ڪن ٿا. ھن وقت رائيس ملر 2200 کان 2300 روپين ۾ ساريال جو في مڻ خريد ڪري رھيا آھن. ساريال جي في مڻ جو ڀاڙو، لائي ۽ ڳاھ جو خرچ به آبادگار ۽ ھاري ادا ڪن ٿا. في ايڪڙ جي اپت مان اڌ حصو ھاري کڻي ٿو ۽ اڌ حصو زميندارن کي ملي ٿو. فصل لھڻ بعد وياج تي ورتل ٻج، ڀاڻ ۽ دوائن جي رقم به ادا ڪرڻي ٿي پوي. ھنن چيو ته ساريال جي في مڻ جي ٿريشر ذريعي ڳاھ 150 کان 200 روپيا، 10 کان 12 ڪلوميٽرن تائين سوزڪي ۽ ڊاٽسنن ۾ 25 کان 30 ٻورين واري چڪر جو ڪرايو 3000 کان 4000 روپيا ۽ ٽريڪٽر ٽالي تي 300 کان 400 ٻوريون في فوري 100 ڪلو جو ڪرايو 30000 کان 40000 روپيا ورتو وڃي ٿو. ۽ ساريال جي لاباري تي في مڻ 100 جي لائي لاھيارا 10 پتي کان 15 پتي يعني سيڪڙو تي لابارو ڪن ٿا. بدين بچايو ڪميٽي جي اڳواڻ مير نور احمد ٽالپر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته لاڙ سميت سنڌ ۾  رائيس ملرن جي ھڪ ھٺي قائم ٿيل آهي، اھي پنهنجي مرضي سان ساريون آليون ڄاڻائي موسچر جي نالي في مڻ تي 2 کان 4 ڪلو تائين ڪٽوتي ڪري رھيا آهن ۽ في مڻ جي تور پڻ 40 ڪلو جي بجاء 42 ڪلو ڪري رھيا آھن. کائن ڪو به پڇڻ وارو نه آهي ھن چيو ته پاڻي جي کوٽ سبب ضلع بدين ۾ ھن سال جي سيزن دوران پاڻي دير سان اچڻ ڪري برسات ڪري ساريال اپت گھٽ ڏيندي، ھن چيو ته ملڪ ۾ وڌندڙ مھنگائي سبب گھٽ ۾ گھٽ ساريال جي في مڻ جو اگھ 3000 روپيا سنڌ سرڪار کي مقرر ڪرڻ گھرجي. ضلع سجاول جي مشھور آبادگار اڳواڻ رئيس غلام عباس ملڪاڻي چيو ته پاڻي جي کوٽ سبب ضلع سجاول جي تعلقي جاتي ۾ شاھبندر تعلقن ۾ ساريال جي پوکي اڳ جي ڀيٽ ۾ گھٽ ٿي آهي، ھن چيو ته برسات ڪري ٻين فصلن سان گڏ ساريال جي فصل کي به وڏو نقصان رسيو آهي زرعي ماھر ۽ ٽنڊوڄام يونيورسٽي جي پروفيسر محمد اسماعيل ڪنڀر چيو ته ساريال جي فصل تي گڏر، ڪارو مھلو، فنگس، پن ويڙھي، روڙو سميت ٻيا مرض حملو ڪن ٿا جڏهن ته آبادگارن شاهنواز گرگيز موجب ھن سال ساريال جي فصل تي ھڪ نئين مرض حملو ڪيو آهي، جنهن ۾ بدين ۾ سوين ايڪڙن تي ٻوڏ کان بچي ويل فصل جا ان جا داڻا ھيڊا ٿي ڇڻي ويا آهن ۽ ان تي ڪا به زرعي دوا اثر نٿي ڪري.