اسلام آباد(م ڊ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف به هڪ ٽوئيٽ ڪاپي پيسٽ ڪيو آهي. ٽوئيٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان بنگلاديش کي هارائي سيمي فائنل ۾ پهچي ويو ۽ سيمي فائنل ۾ هاڻ پاڪستان جو نيوزيلينڊ سان مقابلو ٿيندو، جڏهن ته ٻئي سيمي فائنل ۾ انگلينڊ ۽ ڀارت آمهون سامهون ٿيندا. هن چيو ته اسان نيوزيلينڊ کي هارائينداسين ۽ انگلينڊ ڀارت کي ته 92 واري ورلڊ ڪپ جيان فائنل ۾ پاڪستان ۽ انگلينڊ آمهون سامهون ٿيندا، ائين اسان انگلينڊ کي هارائي تاريخ ورجائينداسين ته بابر اعظم 2048 ۾ اسان جو وزيراعظم هوندو.