ٽنڊوالهيار (رپورٽر) ٽنڊوالهيار جي لاڪ اپ ۾ بابر خانزادي جي موت واري مامري جو ٽنڊو سومرو ۾ فيصلو سردار حاجي خير محمد کوکر ۽ امداد نظاماڻي جي سر پئنچي ۾ ٿيو، جتي بابر خانزادي جي وارثن ۽ پوليس آفيسرن شرڪت ڪئي، جرڳي ۾ ڳالهيون ٻڌڻ بعد فيصلي جي امينن پوليس جي غفلت قرار ڏيندي 7 پوليس اهلڪارن اڳوڻي ايس ايچ او عمران چانڊيو، انسپيڪٽر امتياز ڊومڪي، اي ايس آءِ علي اصغر، اي ايس آءِ سڪندر ڀاڻو، پوليس اهلڪار عرفان ڏاهري، حمادالله ۽ دلشيرمٿان 28 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، ان موقعي تي بابر خانزادي جي قتل الزام هيٺ آيل پوليس اهلڪارن قرآن پاڪ جو قسم کڻندي الزام کي ڪوڙو قرار ڏيندي چيو ته اسان بابر خانزادي کي قتل نه ڪيو آهي، اسان جي غفلت جي سبب هن خودڪشي ڪئي آهي، اسين فقط غفلت جا ڏوهاري آهيون، 7 ڪلاڪن جي مسلسل ڳالهين بعد فيصلي جي امين سردار حاجي خير محمد کوکر ۽ امداد خان نظاماڻي پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي چيو ته پوليس اهلڪار غفلت جا ذميوار آهن، جنهن جي ڪري اهي بابر خانزادي جي وارثن کي 28 لک رپيا ڏيڍ مهيني ۾ ڀريندا ۽ بابر خانزادي جا وارث ڪيس تان هٿ کڻندا، ان موقعي تي ٻنهي ڌرين فيصلي کي تسليم ڪيو ۽ فيصلي جي امينن آخر ۾ ٻنهي ڌرين کي قائم رهڻ لاءِ دعا پڻ گهري.