ٽنڊو آدم واسڻ شاگردياڻي ڊرائيورن کي ننڊ کان روڪيندڙ چشمو ٺاهي ورتو

0
927
ٽنڊو آدم واسڻ شاگردياڻي ڊرائيورن کي ننڊ کان روڪيندڙ چشمو ٺاهي ورتو
ٽنڊو آدم واسڻ شاگردياڻي ڊرائيورن کي ننڊ کان روڪيندڙ چشمو ٺاهي ورتو

ٽنڊوآدم (ن پ ا)  ٽنڊو آدم واسي 6 درجي جي شاگردياڻي گروپ سان گڏجي ننڊ اچڻ تي ڊرائيورن کي جاڳائڻ وارو منفرد چشمو تيار ڪري ورتو

 ناسا جي پروجيڪٽ تحت گروپ سان گڏ آمريڪا رواني، ان ڏس ۾ پنهنجي ملڪ ۽ خاص طور اباڻي شھر ٽنڊو آدم جو نالو روشن ڪندڙ ۽ ڳوٺ ملان مکڻ سان تعلق رکندڙ 6 درجي جي شاگردياڻي 13 ورهين جي بسماءِ مصطفيٰ سولنگي

 دنيا جي سائنس جي وڏي اداري ناسا (NASA) پاران ڏنل پروجيڪٽ ۾ گروپ سان گڏجي هڪ اھڙو چشمو تيار ڪيو آھي جيڪو ڊرائيونگ دوران ننڊ اچڻ تي انسان کي جاڳائي ٿو ڇڏي،  بسماءِ مصطفيٰ سولنگي پنھنجي گروپ سان گڏ امريڪا  لاءِ رواني ٿي وئي

 جتي پروجيڪٽ تي وڌيڪ ڪم ڪيو ويندو ، ان حوالي سان  سندس والد غلام مصطفيٰ سولنگي جو چوڻ آھي ته اسان کي پنهنجي ڌيءُ تي فخر آھي جنهن پنهنجي ملڪ ۽ والدين جو نالو روشن ڪيو، اسان کي گهرجي ته پنهنجي نياڻين کي تعليم ڏيارڻ سان گڏ کين همٿايون