سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) حادثي جو ذميوار ڪير؟ ٽريڪ جي بحالي لاءِ بجيٽ سميت سمورو سامان موجود هجڻ باجود استعمال نه ٿيڻ جو انڪشاف، چيف انجنيئر ريلوي هيڊڪوارٽر جو ڊي ايس کي لکيل ليٽر سامهون اچي ويو آهي، ريلوي اختيارين ٽريڪ جي مرمت لاءِ مڪمل وسيلا مهيا ڪيا ويا، منظور ٿيل بجيٽ کان وڌيڪ رقم، مشينري، سموريون ضرورتون مڪمل ڪيون ويون پر سمورا وسيلا ملڻ باوجود استعمال ڇو نه ٿيا؟ اهو اهم سوال آهي. مرمتي ڪم نه ٿيڻ تي اڳواڻ وڏي حادثي جو امڪان پڻ ظاهر ڪيو ويو چيف انجنيئر پاڪستان ريلوي هيڊ ڪوارٽر ارشد سلام ڊي ايس ريلوي طرفان ٽريڪ جي مرمت ۽ گهرجن متلعق لکيل ليٽر جي جواب ۾ 4 جون 2021 تي ڊي ايس ريلوي ڏانهن ليٽر لکي ڄاڻايو ته توهان کي پٽڙين جي مرمت لاءِ سمورا وسيلا فراهم ڪيا ويا آهن، منظور ٿيل بجيٽ کان وڌيڪ رقم، مشينري، ماڻهو ۽ سامان مهيا ڪيو ويو، توهان کي ايل ايم ون ڪئميڪل ٽريٽمينٽ ۽ اسڪيننگ مشين به موڪلي وئي، گهربل رقم، تيل، پٽڙيون، سيمينٽ ۽ ڪاٺ جا سليپرز به اماڻيا ويا چيف انجنيئر ريلوي هيڊڪوارٽر اماڻيل ليٽر ۾ وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته اڪثر گهرجون گذريل سال ئي پوريون هيون پر ان باوجود هن وقت تائين ڪا به پروگريس رپورٽ هيڊڪوارٽر کي ناهي ملي، توهان سمورا وسيلا ملڻ باوجود هن وقت تائين ٽريڪ جو مرمتي ڪم شروع ڇو ناهي ڪيو، ڊي ايس ريلوي کي ٽريڪ جي بحالي ۽ مرمت لاء خصوصي توجهه ڏيڻي هوندي آهي ته جيئن ڪنهن به امڪاني حادثي کان بچي سگهجي. توهان جي نااهلي سبب ڪنهن به وقت ڪو وڏو حادثو پيش اچي سگهي ٿو. پوري ملڪ جي ڊويزنن کان وڌيڪ بجيٽ اوهان کي ڏني وئي آهي پر توهان هيڊڪوارٽر کي مرمتي ڪم جي حوالي سان ڇو آگاهه نه پيا ڪريو؟ ٻئي طرف اهي به اطلاع آهن ته روهڙي ملتان ٽريڪ کي 13 جاين تان خراب ڄاڻايو ويو آهي پر ان جي مرمت نه ٿي سگهي آهي.