ٻٻرلوءِ (ن ٻٻرلوءِ) ٻٻرلوءِ ٽول پلازا تي حادثو، ٽرڪ جي ٽڪر ۾ ٽول پلازا ملازم فوت ٿي ويو، روهڙي پوليس ٽرڪ ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو. فوتيءَ جي وارثن پاران ٽول پلازا آڏو قومي شاهراه تي لاش رکي ڌرڻو. خبر موجب گذريل ڏينهن ٻٻرلوءِ ٽول پلازا تي ٽرڪ جي ٽڪر ۾ ٽول پلازا ملازم نوجوان حامد پٽ فيض محمد ڇڄڻ فوت ٿي ويو. روهڙي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٽرڪ کي پنهنجي تحويل ۾ ورتو. حادثي بعد فوتي نوجوان جي وارثن ۽ ڇڄڻ برادريءَ جي سوين ماڻهن ٻٻرلوءِ ٽول پلازا آڏو لاش رکي ڪري قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري روڊ جي ٻنهي پاسن کان سوين ڳاڏيون بيهجي ويون. ٻن ڪلاڪن بعد ٽول پلازا جي عملي ۽ روهڙي پوليس فوتيءَ جي وارثن سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو. نوجوان جي اوچتي موت جو ٻڌي گهر ۾ ڪهرام برپا ٿي ويو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.