عثمان شاھ ھڙي( ن پ ا ) عثمان شاهه هڙي ڀرسان حادثي ۾ معصوم نينگري فوت ٿي وئي. ان ڏس ۾  قيصر سينھڙو جي بٺي تي مزدوري ڪندڙ پورهيت اسماعيل ڪولاچي جي 7 سالا نينگري ڪلثوم ٽرڪ جي ٽڪر لڳڻ سبب فوت ٿي وئي جڏهن ته عمر ساند پوليس پھچي 7 سالا نينگري جي لاش کي سول اسپتال ٽنڊوالهيار منتقل ڪري ڇڏيو جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي ته ٽرڪ ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو آهي ٽرڪ پنهنجي تحويل ۾وٺي ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏي آهي جڏهن  ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.