ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ر اڳواڻ حليم عادل شيخ ڪالهه اين اي 249 تي ٿيل چونڊن جي ٻيهر ڳڻپ واري عمل ۾ شامل ٿيڻ لاءِ پهچي ويو، پر کيس سڪيورٽي اهلڪارن اندر وڃڻ کان روڪي ورتو. ان موقعي تي حليم عادل شيخ چيو ته سڪيورٽي اهلڪار مون کي ايئن روڪي رهيا آهن ڄڻ مان رجسٽرڊ دهشتگرد هجان، سمورين پارٽين ٻيهر ڳڻپ واري عمل جو بائيڪاٽ ڪيو آهي ته پوءِ ڪنهن جي ڳڻپ ڪئي پئي وڃي. حليم عادل شيخ سوال ڪيو ته ڇا ٻاهر سيڪيورٽي اهلڪار الرٽ ڪري اندر ڌانڌلي ڪئي پئي وڃي. اين اي 249 تي چونڊون نه سنڌ حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن جون چونڊيون ٿيون آهن. سنڌ حڪومت واردات ڪئي آهي ۽ 10 هزار جعلي ووٽ ڪاسٽ ڪيا ويا. حليم عادل شيخ چيو ته قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 249 تي پوليس جي بندوقن جي ڇانوَ ۾ ٻيهر ڳڻپ واري عمل ۾ ٻه نمبري ڪئي پئي وڃي. هن مطالبو ڪيو ته آر او ۽ ڊي آر او کي هٽايو وڃي اهي ٻئي ڌانڌلي ۾ ملوث آهن. هن چيو ته اين اي 249 تي ٻيهر چونڊون ڪرايون وڃن.