ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي تڪ اين اي 249 تي ننڍي چونڊ بعد مسلم ليگ ن جي اميدوار مفتاح اسماعيل جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن پاران ووٽن جي ٻيھر ڳڻپ ٽن ڏينھن بعد مڪمل مڪمل ٿي وئي، جنهن دوران 276 پولنگ اسٽيشنز جي ٻيھر ڳڻپ دوران پيپلز پارٽي جو اميدوار قادر مندوخيل 15656 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو. جڏھن ته مسلم ليگ نواز جو اميدوار مفتاح اسماعيل 14747 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رھيو. قادر مندوخيل مفتاح. اسماعيل کان 909 ووٽ وڌيڪ کنيا. اليڪشن ڪميشن جي اختيارين موجب پيپلز پارٽي جي اميدوار قادر مندوخيل جا 500 ، نواز ليگ جي اميدوار مفتاح اسماعيل جا 726، پي ٽي آءِ جي اميداور امجد آفريدي جا 241، ايم ڪيو ايم جي اميدوار حافظ مرسلين جا 504، پي ايس پي جي اميدوار مصطفيٰ ڪمال جا 499 ۽ پابندي مڙهيل تحريڪ لبيڪ جي اميدوار جا 457 ووٽ رد ڪيا ويا آھن. ھوڏانھن صوبائي وزير سعيد غني بيان جاري ڪندي چيو آھي تہ اسان چونڊن بعد نتيجن تي ئي چئي ڇڏيو ھو ته ھي فتح حق سچ جي سوڀ آھي، ري پولنگ جو ڊرامو رچائيندڙ ٻيھر ھارائي ويا، صوبائي وزير چيو ته پ پ اميدوار ۽ پيپلز پارٽي تي جنھن اعتماد ڪيو انھن جا ٿورائتا آھيون.