ڪراچي/ پيرجوڳوٺ / صدرجي ڀٽيون (نمائندن وٽان) پيرجوڳوٺ لڳ ڳوٺ فتح الله گھمرو جي رھواسي وڏي وزير مراد علي شاھ جي پرسنل سيڪريٽري منصور گھمرو جي نوجوان پٽ اظهار منصور گھمرو ڪراچي ۾ پنهنجي گھر اندر ڪمري ۾ ڦاھو ٻڌي خودڪشي ڪري ڇڏي، اھڙي اطلاع تي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. هوڏانهن ايس ايس پي اوڀر ساجد سدوزوئي ٻڌايو ته اظهار سرڪاري گهر ۾رهندو هو، سندس گهر ڀاتي شاپنگ لاءِ ويا هئا ته نوجوان گهر ۾ اڪيلو هو، واپس اچي ڏٺو ته اظهار جو لاش پکي ۾ لٽڪيل هو، ابتدائي جاچ موجب اظهار شديد ڊپريشن جو شڪار هو، موت جو اصل ڪارڻ ميڊيڪل رپورٽ مان خبر پوندي