نئين دهلي(م ڊ) ڀارت ۾ ڪورونا وائرس جا قهر جاري آهن، پهريون ڀيرو هڪ ڏينهن ۾ فوتگين جو انگ 4 هزار کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته لاڪ ڊائون جي ڪري بک بدحالي منهن ڪڍيو آهي ۽ ماڻهن ڦرلٽ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. مليل اطلاعن موجب ڀارت ۾ 24 ڪلاڪن اندر وڌيڪ 4 هزار 187 ماڻهو ڪورونا وائرس جي ڪري فوت ٿي ويا آهن. جنهن سان ملڪ ۾ فوتين جو انگ 2 لک 38 هزار 270 ٿي ويو آهي دنيا ۾ ڪنهن به ملڪ ۾ هڪ ڏينهن ۾ فوتگين جو اهو سڀ کان وڏو انگ آهي. جڏهن ته 4 لک هڪ هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس سامهون آيا آهن. ملڪ ۾ ڪل مريضن جو انگ 2 ڪروڙ 19 لکن کان وڌي ويو آهي. ٻئي طرف ڀارت ۾ ماڻهن کان ڦرلٽ جو سلسلو به جاري آهي، ڪجهه ماڻهن کي لاش ڳوٺ پهچائڻ لاءِ ڏيڍ لک رپين کان وڌيڪ رقم طلب ڪئي وئي آهي.